ٽنڊي غلام حيدر ۾ گهران نڪتل نينگر جو لاش هٿ

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ جمال الدين لاشاري ۾ هڪ ڏينهن اڳ معمولي ڳالھ تان مائٽن  کان ناراض  ٿي گهران نڪتل 12 ورهين جي نينگر مڪيش ڪولهي ولد ڪچو عرف شومون ڪولهي جو ٻئي ڏينهن ڍوڪيا واھ ڏندو لنڪ روڊ ڀرسان مبيناطور ديوين ۾ ٽنگيل لاش هٿ جڏھن ته وارثن پاران حد جي متارو پوسٽ پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن واقعي واري هنڌ پهچي نينگر مڪيش ڪولهي جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن وارثن موجب نينگر هڪ ڏينهن اڳ ناراضگي سبب گهران نڪري ويو هو جنهن جو لاش مليو آهي ڪنهن سان دشمني ناهي غريب هاري آهيون.ٻئي طرف ٽنڊوغلام حيدر ايس ايڇ او سهيل مرزا ٻڌايو ته مائٽن کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي اٿس باقي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،ٻئي پاسي نينگر مڪيش ڪولهي جو لاش گهر پهچڻ بعد قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.