مدئجي ۾هندو جوڙي ڌيءُ سميت زهر پي ڇڏيو، ٽئي اسپتال داخل

مدئجي(ن ع آ) مدئجي جي هندو محلي جي رهواسي هندو واپاري سيٺ اشوڪ ڪمار سندس گهرواري ۽ مصوم نياڻِي مسڪان سميت  مبينا زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي،زهريلي دوا پيئڻ بعد سندس تڙپڻ تي گهرڀاتين ۾ قهرام مچي ويو جنهن بعد پاڙيوارن کين کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو جتي کين فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي جهنگ جي باهه جينا پکڙجي وئي ۽ وڏي انگ ۾ شهري توڙِي هندو برادري جا ماڻهو اسپتال پهتا،ان سلسلي ۾ مبينا آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ هندو سيٺ اشوڪ ڪمار جي وارثن واقعي بابت تفصيلن  ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ،هوڏانهن شهر ۾ چوٻول آهن ته هندو سيٺ جو ڀائرن سان ملڪيت جي مامري تان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي.هوڏانهن مبينا آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ هندو سيٺ اشوڪ ڪمار،سندس گهرواري ۽ معصوم نياڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ سندن جو علاج هلندڙ هو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.