مدئجي ۾ٻيلي کاتي جي ملازمن تي حملو، هڪ زخمي

مدئجي(رپورٽر) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي مقرر ٿيل ڪچن ملازمن مٿان خروس برادري جي ماڻهن جو  حملو لٺيون ۽ سروٽا هڻي هڪ ملازم جهنڊو پٽ علڻ خروس زخمي ٿي پيو جنهن کي ساٿي ملازمن کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي کيس فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود زخمي جي وارثن ۽ ٻيلي کاتي جي ملازم طفيل احمد جکرو چيوته ٻوڏ کان پوءِ سرڪاري زمين تي سرڪار پاران ٻج پوکيا هئا،جن جي ڀيل تان روڪڻ تي جوابدار طالب حسين خروس،دلمراد خروس،صمد خروس،ياسين خروس ۽ ٻين ٻيلي کاتي جي ڪچن ملازمن مٿان حملو ڪري ڏينو،جنهن دوران هڪ ڄڻو زخمي ٿيو آهي، جنهن خلاف حد جي ٿڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.