ٽنڊي غلام علي ويجهو ٻن جوابدارن مٿان ڪهاڙين سان حملو

ٽنڊو غلام علي(ن ع آ)ٽنڊي غلام علي لڳ ڳوٺ مولوي سلطان احمد  ۾ مبينه  ٻن بااثر جوابدارن شفيق ۽ سندس ڀاءُ ڪهاڙين جا وار  ڪري زميندار زاھد ٽالپر ۽ راحئمل ڪولهي کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا زخمين جي رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن فوري طور تي  پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي زخمين کي کڻائي سرڪاري اسپتال آندو جتي کين داخل ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ٽنڊو غلام علي پوليس زخمي زاھد ٽالپر جي فرياد تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ان سلسلي ۾ زخمي صحافين کي ٻڌايو ته آئون ٻيرن جي باغ جي ٺيڪيدار راحئمل ڪولهي سان ڳالهائي رھيو ھئس ته اوچتو جوابدارن ڪهاڙيون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، آخري اطلاع تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا سگهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.