نيو سعيد آباد ۾ پلاٽ تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ

نيوسعيدآباد (ت ر) نيوسعيدآباد جي وارڊ نمبر ھڪ ۾ قديمي پيل پلاٽ تي ھڪ ڌرجي ماڻھن پاران مبيناقبضو ڪري تعميراتي  ڪم شروع ڪرڻ تي ڌرين ۾ تڪرار تيزٿي ويو جنھن تي سوين شھري۽ پلاٽ جو مالڪ سيد غلام علي شاھ۽سيد جھانگير شاھ واراپھچي ويا جن ڪم بندڪرڻ لاءچيوته جھيڙي واري صورتحال پيداٿي وئي اطلاع تي پوليس پھچي جھيڙي کي ٽاري ڇڏيوآھي- پلاٽ جي مالڪي جي دعويدار سيد غلام علي شاھ۽سيد جھانگير شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته  منھنجي پلاٽ تي ھٿياربند وٺي دليپ ڪمار۽ان جي ساٿارين قبضو ڪرائي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو اسان منع ڪئي ته اسان کي ھٿياربندن ھٿان جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون جنھن بعد اسان پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس اسان کي تحفظ ڏنو ان بعد قبضاخورن دليپ ڪمارکي گم ڪري اغواجو ڊرامون رچائي انتظاميه۽ اسان کي بليڪ ميل ڪري پلاٽ ڦٻائڻ ٿاچاھين.  ھنن آءجي سنڌ پوليس- اي آءجي حيدرآباد۽ايس ايس پي مٽياري کان گھرڪئي ته اسان جي پلاٽ تي قبضوڪندڙ ھٿياربندن۽اغواجو ڪوڙو ڊرامون ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پرامن شھر جو ماحول خراب ڪرڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.