بدين ۾ چوريون، پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام

بدين  (ڊ ر) بدين ۾ بدامني تي ٺاپر نه اچي سگهي آهي ھڪ ھفتي اندر شھر ۾ ڪيتريون ئي چوچورين ٿيڻ سبب شهرين جي گهرن  ۽ دڪانن مان چور قيمتي زيور موبائيل روڪ رقم ٻوھاري ويا آهن جنهن ۾ سانگاڻي محلا جي رھواسي پورھيت. ملوڪ اڍيجو جي ٻن نياڻين جا سونا زيور موبائيل روڪ رقم چور ٻوھاري ويا شاھنواز چوڪ بدين تي عبدالرحمان عمراڻي جي  موبائيل شاپ کي کاٽ ھڻي لکين روپين جا قيمتي موبائيل ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن ۽ بدين ويجهو زميندار مقبول زئي جي زمين تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون پڻ چور لاھي کڻي ويا آهن شھرين. جي چوڻ موجب ته شھر ۾ روزانو ٿيندڙ جي حوالي سان بدين پوليس ۾ ڪمپلين ڪرڻ باوجود بدين پوليس چوريون يوڪرائن ۾  مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ٻئي طرف بدين جي شھرين عبدالرحمان عمراڻي ملوڪ اڍيجو ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته سٽي انچارج سالم کوسو ۽ ايس ايڇ او انور لغاري شھر ۾ ٿيندڙ چورين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهن کين فوري بدلي ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪري شھر ۾ وڌندڙ چورين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ٻئي طرف شھرين بدين ٿيندڙ چورين خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.