نئين ڪوٽ ۾ عطائين خلاف وٺ پڪڙ، ڪيلنڪون سيل

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ ميڊيڪل ايڪسپرٽ ميرپورخاص  ڊاڪٽر محمد عمر ڪاڪا اينٽي ڪيوڪري مير خادم حسين ٽالپر  جا ٽيم سان گڏ نئون ڪوٽ شھر جي عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي ڇاپا عطائي اگواٽ کڙڪ پوڻ تي اسپتالن کي بند ڪري ثبوت مٽائي رفوچڪر ٿي ويا، ھڪ ليسن تي 2 اسپتالون ھلائيدڙن C.M.W  ڪميونٽي مڊوائيف شھناز عابد کان اسٽامپ پيپر لکرائي ھڪ ڪلينڪ کولڻ جي ھدايت ڪئي۔ ٽيم طرفان نئون ڪوٽ جي ھڪ پرائيويٽ  ڪواليفائيڊ سرڪاري ڊاڪٽر چيتن ڪمار راٺي جي اسپتال تي پھتي ته ڊاڪٽر گھر ھو جنھن تي ٽيم اسپتال جي عملي کي ٻاھر ڪڍي اسپتال سيل ڪرڻ جو چيو تـ اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ پ پ اڳواڻ بابو سھيل احمد قائمخاني پھچي مداخلت ڪري ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي عملي کي اسپتال سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جنھن بعد ٽيم بنا ڪارروائي جي واپس رواني ٿي وئي ۽ سياسي مداخلت جو الزام ھنيو ڊاڪٽر چيتن کي گذريل ڀيري ٽيم پرائيويٽ  اسپتال بند ڪرڻ جي وارننگ پڻ ڏني ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.