ڪنري ڀرسان نينگر ٽن ڏينهن کان گم، ڳولا ۾مدد جي اپيل

ڪنري(ت ر) ڪنري ڀرسان نينگر 3 ڏينھن کان پراسرار نموني لاپته، وارث سخت پريشان. تفصيل موجب ڪنري ڀرسان  ڳوٺ چوڌري امجد آرائين جو رھواسي 12 ورھين جو معصوم نينگر والم پٽ ٽيڪم ميگھواڙ ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني لاپته ھئڻ ڪري والدين سخت پريشانين ۾ مبتلا آھن. نينگر جي والد ٽيڪم ميگھواڙ ڪنري ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته سندس پٽ شھر ۾ درزي جي دڪان تي ڪم ڪندو آھي جيڪو ٽه ڏينھن اڳ دڪان تي وڃڻ لاءِ گھران نڪتو پر دڪان تي نه پھچي سگھيو ۽ واپسي گھر به ڪانه موٽيو جنھن جي مٽن مائٽن توڙي ٻي پاسي ڪافي ڳولا ڪئي آھي پر ڪابه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو جنھن سبب سخت پريشان آھيون ھن مطالبو ڪيو ته سندس نينگر جي ڳولھا ۾ مدد ڪري نينگر کي ھٿ ڪيو وڃي ۽ پريشانيون ختم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.