ماٿيلي ۾اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، جوابدار گرفتار

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) اينٽي ڪرپشن پوليس گھوٽڪي اي ايس آء عبدالحميد نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو ۾ ڇاپو ھڻي  ڪڻڪ اسمگلنگ ڪيس ۾ جوابدار بروڪر سبن لعل پنجواڻي کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي اينٽي ڪرپشن پوليس جي عبدالحميد نوحاڻي ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته ڪجھ عرصو اڳ ڪڻڪ جي غيرقانوني اسمگلنگ ۾ ملوث خوراڪ کاتي، روينيو کاتي،پوليس کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ خانگي واپارين ۽ بروڪرن مٿان ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ۽ ڪمشنر سکر جي حڪم تي سرڪار پاران سرڪل آفيسر سکر جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو ھو جنھن ۾ خوراڪ کاتي جو ڊي ايف سي گھوٽڪي روشن پنھور ۽ مختيارڪار ڳوٺ آباد ميرپورماٿيلو رشيد ڪلھوڙو سميت 5 ، 6 جوابدار اڳ کان گرفتار آھن، ڪيترن عملدارن ٻاھران ضمانت ڪرائي آھي ۽ ڪيترا اڃا روپوش آھن، حميد نوحاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته جناب اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت سکر جي جج صاحب جي حڪم تي ڪاروائي ڪري بروڪر سبن لال کي ميرپورماٿيلو ۾ چوڌري ڪالوني مان پنھنجي گھر مان گرفتار ڪيو آھي، ھن چيو ته ٻيا روپوش جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.