ٺل ڀرسان شهيد صحافي انور لنجواڻي جو ٽيجهو، هڪ شڪي گرفتار

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل صحافي نور لنجواڻي جي خون  سان پوليس انصاف نه ڪري سگهي آهي،ڪالهه بلوچستان جي علائقي روجهاڻ جمالي ڀرسان صحافي نور لنجواڻي جو ٽيجهو ٿي گذريو،جنهن ۾ علائقي واسين،توڙي صحافين پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز شهيد صحافي نور لنجواڻي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي،ان موقعي تي شهيد صحافي نور لنجواڻي جي پيءُ وزير احمد،ڀائرن ايس ايس پي جيڪب آباد آڏو موقف رکيو ته ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم نه لڳائي ۽ ڪيس ۾ مک جوابدار کي آجو ڪيو ويو آهي،جيڪو غلط عمل آهي،ايس ايس پي جيڪب آباد شهيد صحافي نور لنجواڻي جي وارثن کي يقين ڏياريو ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو،ٻئي طرف شهيد صحافي نور لنجواڻي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ محمد ملوڪ ملڪ ۽ ڳوٺ محمد پناهه کوسو ۾ جوابدارن جي گلزار احمد بهلڪاڻي ۽ رحمدل بهلڪاڻي جي گهرن تي بي سيڪشن پوليس پاران چڙهائي ڪئي پر جوابدار اڳ ۾ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا،پوليس گهرن مان مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن صحافين پاران صحافي نور لنجواڻي جي ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم نه لڳائڻ،مک جوابدار کي ڪيس ۾ آجو ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ان سلسلي ۾ تعلقه يونين آف جرنلسٽ پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ شهيد صحافي نور لنجواڻي جي ڪيس ۾ انصاف تائين احتجاج رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،صحافين عارف ڪريم مغل،فقير عبدالفتاح مستوئي،ساٿي بهراڻي،غلام رباني سرڪي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد صحافي نور لنجواڻي جي خون سان انصاف تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي،ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم ناهن لڳايا ويا،ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ سال ۾ ٻن صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي،جيڪب آباد ضلعو صحافين لاءِ غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي پر پوليس انتظاميه ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل نظر اچي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نور لنجواڻي جي خون سان انصاف ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.