ڏيپلي لڳ ڳوٺ ۾ باهه، هڪ گهر ڦلهيار

ڏيپلو (ن ع آ ) ڏيپلو لڳ ڳوٺ سڀڙي ۾ باھ لڳڻ سبب غريب پورھيت ڏاھو پٽ ھرو ڪولهي جا چار ڪکاوان چوئنرا سڙي رک ۽  اندر پيل سمورو سامان سڙي رک، تفصيل موجب۔ ڏيپلو لڳ ڳوٺ سڀڙي ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب غريب پورھيت ڏاھو پٽ ھرو ڪولهي جا چار ڪکاوان چوئنرا ۽ اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏھن ته ڏاھو ڪولهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب آھيون اسان جا ڪکاوان گهر مڪمل سڙي رک ٿي ويا آھن ۽ اندر پيل اناج۔ زيور ۽ نياڻي جو ڏاج پيل ھو اھو به سڙي رک ٿي ويا آھن اسان کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيون اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسانجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.