وارهه ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، 4 ڄڻا کنڀي گم، احتجاج

وارھه (رپورٽ : مظفر قاضي ) وارھه ڀرسان ڳوٺ ڊٻ گائينچه تي ميهڙ پوليس جي چڙھائي 4 ڄڻا گرفتار وارثن جو احتجاج آزادي جو مطالبو خبر موجب وارھ ڀرسان ڳوٺ ڊٻ گائينچه تي ميهڙ پوليس چڙھائي ڪري  ڳوٺاڻن  مور گائنچو، سردار گائنچو ، ارباب ۽ جميل گائنچو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جي آزادي لاء سندن وارثن علي حسن گائنچو ۽ نعمت الله گائنچو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ رات جو دير سان ميهڙ پوليس ڳوٺ تي چڙھائي ڪري گهرن ۾ گهڙي تشدد ڪري  4 نوجوانن کي گرفتار ڪري روڪ رقم 50 هزار 2 موٽرسائيڪلون ۽ لائيسن وارا 2 هٿيار کڻي نوجوانن کي گم ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ميهڙ پوليس نوجوانن جي گرفتاري ظاهر ئي نه پئي ڪري جنهن سبب سخت پريشان آھيون  هنن ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪري گم ڪيل ڳوٺاڻن کي فورن آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.