غوثپور ڀرسان پوليس چڙهائي، 3 عورتون گرفتار، احتجاج

غوثپور (ن ع آ) غوثپور 10 ڏينهن اڳ جهنگڻ پوليس ٿاڻي جي حد مان نامعلوم ھٿياربند ھٿان اغوا ٿيل ساهراهه هزارو، شيخ غلام ميراڻي جي آزادي لاءِ غوثپور ڀرسان ڳوٺ مير محمد جاگيراڻي تي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او غوثپور جي اڳواڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اي پي سي چين مشين سان چڙهائي ڪري ھڪ معصوم ٻار منظور جاگيراڻي سميت ٽن عورتن کي گرفتار ڪري اوطاق ڊاھي پٽ ڪري پلال گاھه کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي معصوم ٻارڙن جو چوڻ ھو ته اسان سان پوليس ناجائزي ڪري اسان جون عورتون ۽معصوم ٻار منظور جاگيراڻي کي گرفتار ڪري اوطاق ڊاھي پٽ ڪري پلال گاھ کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. معصوم ٻارڙن ھٿن ۾پاڪ ڪتاب کڻي روئيندي ٻڌايو ته پوليس اسان جي مخالف ڌر جيئند جاگيراڻي جي چرچ تي اسان تي پوليس ڪارروائي ڪئي آهي. گھرن۾پيل سامان اناج به کڻي وئي آهي.  20مينهون ڪاهي ويا ان موقعي تي معصوم ٻارڙن سميت متاثرن ميڊيا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان جي مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل ٿيل نه آهي اسان سان پوليس ناجائزي ڪري ظلم ڪيو آهي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان انصاف جو مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.