نوري آباد ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

نوري آباد (ن ع آ)نوري آباد ويجهو ڳوٺ موندر خان پالاري ۾ ٻن ٻارڙن سميت3 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آھي ڪجه  ڏينهن اڳ ٿاڻو بولاخان اسپتال جي ڊاڪٽرن  جي ٽيم سان ڳوٺ ۾ 52کان وڌيڪ ماڻھن جي ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن ۾ ٽن ٻارڙن جون ڪورونا وائرس پازيٽو اچي وئي ڪورونا وائرس  ۾ مبتلا ٿيل ٽن ٻارڙن 4ورھين جي انيس ولد مھربان پالاري  13ورھين عابده ڌيَ بلاول پالاري ۽13 ورھين ڪليم الله پالاري ولد لقمان پالاري کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي  ٽنھي ٻارڙن کي وارثن پاران گهرن ۾ آئسوليٽ ڪري ورتو  هيلٿ انتظاميا اڃا تائين ڄاڻايل ڳوٺ ۾ نه پھچڻ سبب علائقي  ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.