ميهڙ ۾ چانڊيا برادري جو زيادتي جي الزام خلاف احتجاج

ميھڙ (ن ع آ)ميھڙ لڳ ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو جي رھواسين محمد حنيف چانڊيو ، اسد الله چانڊيو ، امداد علي چانڊيو ، سالار خان  چانڊيو ، منٺار علي چانڊيو ، ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ڳوٺ امير بخش سولنگي لڳ ڇنڊڻ ۾ اسان جون زمينون آھن اسان خانداني زميندار آھيون ڪن ماڻھن جي چرچ تي ڳوٺ امير بخش سولنگي جي رھواسين سولنگي برادري جي علي احمد ، حسن علي ، گوھر علي ، مٺل سولنگي ، ميرل ، سڄڻ ، نبي بخش سولنگي ڪوڙو ڊرامو رچائي اسان مٿان پنھنجي نياڻي حبل زال عربيلو سولنگي جي زيادتي ڪرڻ وارو ڪوڙو الظام لڳايو آھي اسان جو ان سان ڪو به تعلق نه آھي انھن چيو ته اڳ ۾ به ڪيترائي دفا ڪوڙا ڊراما ٺاھي اسان مٿان ڪوڙا الظام لڳايا ويا آھن ھو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لا۽ مختلف طريقن سان ڊراما رچائي اسان کي فاسائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن. ھنن چيو ته حبل سولنگي اسان جي نياڻي آھي.  اسان جي ڀيڻ آھي اسان کي ان لاءِ عزت آھي انھن جا وارث اسان مٿان ڪوڙو الظام ھڻي رھيا آھن جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي صداقت ناھي ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو، ڊي ايس پي ميھڙ ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان مٿان لڳايل ڪوڙن الظامن جي جاچ ڪرائي اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.