لکي غلام شاهه ۾موٽرسائيڪل جي ٽڪر سبب 3 ڄڻا زخمي

لکي غلام شاھه (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ وزيرآباد لاڙي وٽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا مهتاب پٽ منور مهر. مهتاب پٽ زوهيب مهر ۽ در  محمد پٽ احمد مهر سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال لکي پهچايو ويو ٽنهي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته لکي پوليس ٽرڪ ڊرائيور فدا حسين شاه کي گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو ۽ ٽرڪ به ٿاڻي تي بيهاري وئي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هيو.

دريا خان مري ۾پورهيت موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري ڦل باء پاس تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب دريا خان مري واسي محمد شريف خاصخيلي  موٽر سائيڪل تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي علائقي واسين پاران فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو زخمي محمد شريف خاصخيلي کي ڪلھي م ڌڪ لڳڻ سبب کيس فوري طور تي نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو واضح رھي ته محمد شريف خاصخيلي ۽ سندس پٽ محمد حنيف خاصخيلي دريا خان مري کان نوشھرو فيروز ڪورٽ ۾ سنوائي تي وڃي رھيا ھيا ته موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل تان ڪري پيا جنھن سبب محمد شريف خاصخيلي زخمي ٿي پيو.

ميان صاحب ۾ پوليس چڙهائي، 4 شڪي گرفتار

ميان صاحب ( ن ع آ )  ميان صاحب ويجھو مھينو اڳ ملڪيت جي مامري تان ڀيڻيي ھٿان  مارجي ويل ٻن مقتول ڀائرن عبدالرحمان عرف بابو بروھي ۽ شاھ محمد بروھي جي قتل ۾ نامزد جوابدارن عبدالمالڪ بروھي ، امام بخش بروھي سميت ٻين جي گرفتاري لاء سلطان ڪوٽ سب ڊويزن جي پنجن ٿاڻن ھمايون ،سلطان ڪوٽ ،جھان واھ ،لوڊرا سميت ميان صاحب ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ مبارڪ ملڪ جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي ڳوٺ تي چڙھائيون ڪيون، جتان پوليس 4 شڪي ماڻھن کي کنڀڻ سميت سندن گھرن مان پوليس موبائلن ۾ اناج کڻي ڀري واپس موٽي آئي  رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاء چڙھائي ڪئي پر ڪابه گرفتاري نه ٿي سگھي آھي پوليس خالي واپس آئي آھي.

ڏهرڪي واسڻ سان انصاف نه ٿيو، پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

ڏهرڪي (رپورٽ : اسد لغاري ) ڏهرڪي ۾ مڙس جي مبينا ظلمن جو شڪار ٿيل عورت انصاف  نه ٿيڻ تي سومر ڏينهن پاڻ کي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو ،خبر موجب ڏهرڪي جي ڳوٺ نورحسن شاه واسڻ ساجده منگي ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي دانهيدي چيو ته چار سال اڳ چڪ گلڻ شاه واسي الهڏنو منگي سان شادي ٿي اوالاد نه ٿيڻ تي مڙس بدپيشي تي مجبور ڪندو هيو انڪار تي تشدد ڪندو هيو۔ان جو گهر ڇڏي پيء وٽ رهان پيئي ،انصاف لاء درپدر آھيان پر انصاف نه ٿو ملي،جيڪڏهن مونسان انصاف نه ٿيو مان پاڻ کي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندس .

ڀٽ شاهه ۾ عطائين خلاف ڪارروائي، 6 ڪلينڪ سيل

ڀٽ شاھ (ن ع آ ) ڀٽ شاھ ۾ صحت کاتي جي ٽيم پاران عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا ھنيا ويا آھن غير قانوني  ڪم ڪندڙ 6 ڪلينڪون ۽ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيون ويون صحت کاتي جي ٽيم ڊاڪٽر اياز احمد ـ اويس سومرو ـ زاھد سڌھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مدد سان ڇاپا ھنيا شاھي بازار ـ شاھ حبيب چوڪ ـ ٽنڊوآدم روڊ ۽ ٻين ھنڌن تي ڪلينڪن تي ڇاپا ھڻي ڊاڪٽر ظھير ـ محمد خان ـ منصور سمون ۽ ھيرا لعل سميت 6 عطائي ڊاڪٽرن جا ڪلينڪ ۽ اڻ رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيا ويا ۽ دوائن سميت صفائي جو جائزو ورتو ويو ـ ان موقعي صحت کاتي جي ٽيم ۾ شامل عملدارن جو چوڻ ھو تا ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ بي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڇاپا ھنيا ويا ھئا مگر ھاڻي آخري وارننگ ڏيون ٿا جيڪڏھن عطائي ڊاڪٽرن پنھنجون غيرقانوني ڪلينڪون ۽ اڻ رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽور بند نا ڪيا تا ڪيس داخل ڪنداسين ـ

خيرپور ۾ ڪمپوزنگ سينٽر ۽ ڦوٽو اسٽيٽ جي دڪاندارن خلاف دانهون

خيرپور (ڊ ر)خيرپور جي بيروزگار نوجوانن احمد خان، علي، سطان ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته الشيخ  ڪمپوزنگ سينٽر ۽ فوٽو اسٽيٽ جي دڪاندارن پاران سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ نوڪريون لاءِ آيل اشتهار جي ڪٽنگ في پيج پنجاهه کان سئو روپيه وڪرو ڪرڻ لڳو آهي هنن چيو ته اسان بيروزگار آهيون الٽو وري دوڪاندار بيروزگار نوجوانن کي ٻنهي هٿن سان فري رهيا آهن گهٽ پئسا هجڻ جي ڪري ڪٽنگ نه ٿو ڏئي هنن ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪٽنگ جا دوڪاندار  هٿ راڌو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي دوڪانن  کي سيل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.