لکي غلام شاهه جو مغوي نوجوان آزاد نه ٿيو، وارث سراپا احتجاج

لکي غلام شاھه (رپورٽ :  نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ شهوائي مهر جو رهواسي ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان 13 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو وارثن پاران نوجوان  جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي گهر واري بيهوش پوليس ڪنهن قسم جو تعاون نٿي ڪري ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ به انڪار ڪيو آهي گهر واري پاران پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جو چتاء.(رپورٽ موجب)لکي غلام شاھ ويجهو ڳوٺ شهوائي مهر جو رهواسي نوجوان عبدالڪريم چاچڙ 13 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي وارثن مرد ۽ عورتن ﷲ وسايو چاچڙ. عبدالحڪيم. عبدالحق ٻانو. محمد عثمان چاچڙ ۽ ٻن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.  مظاهري دوران نوجوان جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهري دوران سندس مغوي عبدالڪريم جي گهر واري بيهوش ٿي ڪري پئي، مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جو اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪرمپور پوليس ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي ڪيس وٺڻ کان انڪار پڻ ڪيو آهي ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ڏي وياسين پر ملڻ نه ڏنو ويو هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي رسول بخش عرف ڪراڙي غلام قادر. پنهل. عرض محمد. علي نواز چاچڙ مٿان الزام هڻندي چيو ته اسان جي نوجوان کي هنن واري ڌر اغوا ڪيو آهي پوليس وڏي رشوت وٺي ان جو ساٿ ڏئي رهي آهي ۽ ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري رهي آهي هنن ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو. آ۽ جي آر پي او سکر کان مطالبو ڪيو ته جلد اغوا ٿيل نوجوان عبدالڪريم چاچڙ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.