ڪڪڙ ۾ کنڀيل دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۾ کنڀيل پورھيت دودو چانڍيو کي 5 مھينا گذري ويا اڃا تائين آزاد نه ٿيو پٽ جي جدائي ۾ پير سن امڙ ۽ والد  ھيڻا ھال ڪري ڇڏيا وارثن جو احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي۾ کنڀي گم ڪيل ڳوٺ گل محمد چانڍيو واسي پورھيت نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور دودو چانڊيو اڃا تائين آزاد نه ٿيو آھي سندن پوليس نوجوان جو ڪيس داخل به نه ڪيو آھي پٽ جي مسلسل جدائي سبب پيرسن امڙ ۽ والد پنھنجا ھيڻا حال ڪري ڇڏيا آھن گھر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آھي ان سلسلي ۾ وارثن پارا ن اڄ 32 ڏينھن به ڄام خان چانڊيو، مقبول علي، احسن علي، حسنين چانڍيو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ۾ پلي ڪارڍ کڻي ميڊيا آفيس اڳيان مين روڍ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو.  ان موقعي تي گم ڪيل  نوجوان جي ڀاءُ ڄام خان چانڊيو چيو آھي ته دودو  چانڊيو کي خانپور مان ڏينھن ڏٺي جو انڊس ھاءِ وي روڍ تان ٽيڪسي اسٽاپ تان بي گناهھ کين کنڀي کڻي ويا جنھن کي 5 مھينا گذري چڪا آھن پر اڃا تائين آزاد نه ٿي سگھيو آھي، اسين ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل ڀاءُ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي ھئي جن کي 3 ھفتا گذري چڪا آھن پر ڪڪڙ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي جيڪا عدالت جي توھين برابر آھي اسين نوجوان ڀاءُ جي ڪيل احتجاج کي 32 ڏينھن گذري ويا آھن پر اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو آھي نه ئي ڀاءُ جي آزادي لاءِ ضلعي دادو انتظاميا ڪي جوڳا قدم کڻي سگھي آھي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل نوجوان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڀاءُ کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.