خيرپور جي اي ايس آءِ جو قتل ڪيس 6 جوابدارن مٿان داخل

رپور (ڊ ر) 4 ڏينهن اڳ پراسرار نموني قتل ٿي ويل شهيد اي اس آءِ بلاول وساڻ جي قتل جو ڪيس مين جوابدار فراز راجپوت  سميت 6 جوابدار مٿان رات دير سان  گناھه نمبر 2020/271 تحت  لم 02,120 B,435,148,129,7 تحت وسيم احمد پٽ علي مدد وساڻ جي فرياد تي جوابدار سرفراز عرف فراز راجپوت، سندس پيءُ زاهد راجپوت، سيد ثقلين شاھه ۽ 3 نامعلوم ماڻهن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اي سيڪشن پوليس طرفان گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن سرفراز ۽ سيد ثقلين شاهه  کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج انعام الله ملڪ وٽ پيش ڪيو، جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي 7 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. جڏهن ته ايف آئي آر ۾ ٽيون مين جوابدار زاهد حسين راجپوت گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.  جنهن جي گرفتاري جي پوليس ٽيمون جوڙيون ويون آهي جيڪي کيس جلد گرفتار ڪندي. هوڏانهن اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڏوھه جو اعتراف ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيس جي مين جوابدار سرفراز راجپوت ڏانهن شهيد اي ايس آءِ بلاول وساڻ جا 50 لک قرض هيو  جيڪو گهرڻ تي کيس قتل ڪيو ويو آهي جنهن تي کيس قتل ڪري  سندس ڄنگھون ۽ ٻانهون ڪٽي بعد ۾ گاڏي ۾ رکي باھه ڏئي ساڙيو ويو. هوڏانهن اي سيڪشن جي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار ساڻ ڪري  جوابدارن کي اي سيڪشن ٿاڻي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.