عمران خان صاحب! ايڏو ته ظلم نه ڪيو

ايڊيٽوريل

رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت،  پي آءِ اي جا ملازم اڌو اڌ گهٽائڻ ۽ اسٽيل مل مان 4 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي ادارتي سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفنرس ڪندي چيو ته پي آءِ اي، ريلوي، اسٽيل مل ۽ پي ٽي وي سميت ٻين رياستي ادارن کي ماضي جي حڪومتن ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيون جنهن سبب ادارا پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيا. تنهن ڪري هاڻي قومي ايئر لائين ۾ جيڪي 14 هزار ملازم آهن انهن کي گهٽائي 7 هزار ڪيو ويندو. هر جهاز ۾ 500 ملازم مقرر آهن جن کي به 250 تائين ڪنداسين. اسٽيل مل جي ملازمن کي ٻن کان اڍائي سالن جو پگهارون ڏئي اسٽيل مل کي خانگي سيڪٽر کي ليز تي ڏنو ويندو. عوامي آواز جي سينيئر رپورٽر جميل چانڊئي موجب وفاقي حڪومت جي راضپي تحت اسٽيل مل جي چار هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نام نهاد رضاڪاراڻي اسڪيم تحت نوڪري کان فارغ ڪرڻ لاءِ 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي پورهيتن جون لسٽون تيار ڪري سندن کاتن معرفت سندن  گهرن ڏانهن ليٽر اماڻيا ويا آهن. ليٽر اماڻيل ملازمن جي هفتي کانپوءِ مل اندر داخلا بند ڪرڻ جو فيصلو، فارغ ٿيلن ۾ خود پي ٽي آءِ جي يونين جا عهديدار به شامل آهن.

اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اسان جون سياسي جماعتون عوام کي روزگار ڏيڻ ۽ غربت ختم ڪرڻ  جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ جڏهن حڪومت اينديون آهن ته  رهندو روزگار  کسڻ شروع ڪنديون آهن. جنهن سان غربت ۾ واڌارو ايندو آهي،  ان حوالي ۾ خاص ڪري مسلم ليگ(ن) ۽ هاڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت جو مثال رکي سگهجي ٿو. پيپلز پارٽي جي حڪومت ئي اڪيلي حڪومت رهي آهي جنهن وري به عوام کي روزگار ڏنو آهي. پ پ تي مخالف حڪومتون اهو الزام لڳائينديون آهن ته ان گنجائش کان مٿي ڀرتيون ڪيون آهن جنهن تي بينظير ڀٽو صاحبه خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن اهو ڏوهه آهي ته پوءِ اهڙو ڏوهه ڪندا رهندا سين. سو پ پ حڪومت جو روزگار ڏيڻ وارو ريڪارڊ وري به بهتر آهي.

پي ٽي آءِ  جي موجوده حڪومت مان ان ڪري به عوام جو هر طبقو بيزار ٿي ويو آهي جو هن جماعت عوام سان چونڊن کان اڳ جيڪي به واعدا  ڪيا هيا، تن جي ابتڙ ڪم ٿي رهيا آهن هن حڪومت ملڪي ادارن کي مضبوط ڪرڻ بدران ويتر انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجيون فضول خرچيون ۽ صلاحڪار جي فوج گهٽائڻ بدران پورهيت ملازمن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سان گهٽ آهي. وزيراعظم جي ادارتي سڌارن بابت مقرر ڪيل صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين صاحب جي ان موقف سان اسان بلڪل به متفق ناهيون ته ڪو ماضي جي حڪومت خاص ڪري پ پ ملازمن جون گنجائش کان وڌيڪ ڀرتيون ڪري ادارن کي ويهاري ڇڏيو. اسان جو خيال آهي ته ان حڪومت ۾ ادارن ۽ عوام جي وري به ڪجهه نه ڪجهه ترقي ٿي هئي. پر جمهوريت دشمنن کي عوامي حڪومت جي اها ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي ۽ انهن ٿوري ٿوري وقفي سان کين گهر ڀيڙو ڪري نه رڳو ملڪي ادارن پر خود ملڪ کي ڪمزور ۽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.اسان جو خيال آهي ته ان حڪومت ۾ ادارن ۽ عوام جي ترقي ٿي هئي. پر جمهوريت دشمنن کي عوامي حڪومت جي اها ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي ۽ انهن ٿوري ٿوري وقفي سان کين گهر ڀيڙو ڪري نه رڳو ملڪي ادارن پر خود ملڪ کي ڪمزور ۽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي خيال ۾ هن ملڪ ۽ عوام کي تباهه ڪرڻ ۾ غير جمهوري طاقتن جو حصو وڌيڪ آهي. غير جمهوري طاقتون جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر کان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري ها ته هي ملڪ اڄ ترقي ۾ ڪنهن ريت به دبئي کان گهٽ نه هجي ها. ذوالفقار علي ڀٽي جي پنجن سالن واري حڪومت ۾ جيڪو ڪم ٿيو سو باقي هن وقت تائين جي سالن ۾ نه ٿي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته وقت جي حڪومتن کي هلڻ ئي نه ڏنو ويو.

موجوده پي ٽي آءِ جي سرڪار بظاهر چونڊن ذريعي حڪومت ۾ آئي آهي پر مخالف ڌر ان کي ”جعلي حڪومت“  قرار ڏيندي آهي ته ان کي ”سليڪٽرن“ آندو آهي. مخالف ڌر موجوده حڪومت کي غير جمهوري طاقت جو ترجمان سمجهندي آهي پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ان موقف کي رد ڪري ٿي ته پوءِ ان کي عملي طور تي پاڻ کي عوامي حڪومت ثابت ڪرڻو پوندو ۽ عوامي مفادن جو اوليت جي بنياد تي خيال ڪرڻو پوندو جيڪو بلڪل به نظر نٿو اچي. هيءَ حڪومت عوام دوستي بدران عوام دشمني تي لهي آئي آهي. روزگار سان لڳل ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ کان وڏو ڏوهه ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن مڃجي به ته ادارا مالي گهوٽالي ۾ آهن ته اوهان کڻي وڌيڪ ڀرتيون نه ڪيو پر اوهان ته ويتر ماڻهن کان مليل روزگار کسي رهيا آهيو. مهانگائي به اوهان جي دور ۾ سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ۽ هاڻي پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جي ملازمن کي نڪيالي ڏئي رهيا آهيو. جنهن کي اسان موجوده حڪومت جو ظلم سمجهون ٿا.

اوهان کان جيڪڏهن ملڪي ادارا نٿا سنڀالجن ته مهرباني ڪري پنهنجي نااهلي قبوليندي اقتدار واپس عوام جي حوالي ڪيو ته اهو ووٽن ذريعي ٻي حڪومت آڻي. عوام اوهان کي ريڪارڊ مهانگائي ڪرڻ ۽ بيروزگاري وڌائڻ لاءِ ووٽ ناهي ڏنو. اوهان ته چونڊ مهم ۾ دعويٰ ڪئي  هئي ته اسان وٽ سڀني ملڪي مسئلن جو حل موجود آهي ڇا اهو حل هو اوهان وٽ ته ادارا کپائي، ملازمن جون ڇانٽيون ڪيون وينديون.

معاف ڪجو اسان اوهان جي موجوده پاليسين سان ڪنهن ريت به سهمت ناهيون، اڃا به انهن ڌرين جي موقف کي درست سمجهون ٿا جيڪي وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف عوام جو ترجمان بڻجي آواز اٿاري رهيون آهن.

بهرحال ظلم جي به ڪاحد ٿيندي آهي، خدارا ظلمن جو ريڪارڊ ته قائم نه ڪيو. غريب عوام جنهن جي ڪورونا وائرس هونئن ئي چيلهه چٿي ڇڏي آهي تنهنجو سهارو بڻجڻ بدران ويتر اوهان انهن کي بيروزگار ڪرڻ جا فرمان صادر ڪري رهيا آهيو آهي افسوس آهي ان جو ….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.