مفتي مسعود جي شاھدي!

حامد مير

مسعود مفتي 1971ع ۾ ڀارت جو جنگي قيدي بڻجي ويو هو. جڏهن پاڪستان ٽُٽو ته هو اوڀر پاڪستان ۾ تعليم وارو سيڪريٽري هو، 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو ته ڪيترن ئي سول آفيسرن جيان هو به جنگي قيدي ٿي ويو. قيد مان واپس آيو ته هن 1974ع ۾ هڪ ڪتاب “چهرَي” جي نالي سان لکيو جيڪا اصل ۾ قيد جي ڪهاڻي هئي.

اهو ئي سال هو جڏهن ڍاڪا جي ڌار ٿيڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ قائم ڪيل حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ به حڪومت کي پيش ڪئي وئي، پر ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ان رپورٽ کي لڪائي ڇڏيو. بلڪل ائين جيئن ايبٽ آباد انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ به اڄ تائين لڪايل آهي ۽ ان ڪميشن جو سربراهه نيب جو چيئرمين بڻجي ڪرپشن کي لڪائي رهيو آهي.

ڍاڪا جي ڌار ٿيڻ جي ٽيهن سالن کانپوءِ حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي ته مسعود مفتي پنهنجي ڪتاب ”چهري“ ۾ ڪجھه واڌارو ڪيو ۽ 2010ع ۾ ”چهري اور مُهرَي“ جي نالي سان اهو ڪتاب ٻيهر شايع ڪيو. تيستائين هو سرڪاري نوڪري تان به رٽائر ٿي چڪو هو ان ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ هن وڏي جرئت سان اهو سڀ لکي وڌو جيڪو چوڻ تي اڄ به ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام لڳايا ويندا آهن.

مسعود مفتي هڪ اڳوڻو ڊي ايم جي آفيسر هو. هن ڍاڪا جي جدا ٿيڻ جي سمورن سببن کي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ مان ڳولهيو ڪيو ان ڪري اهو چوڻ غلط نه هوندو ته ان جو اهو ڪتاب اصل ۾ حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جو هڪ ادبي خلاصو هو، جنهن ۾ هڪ اهڙي دل ڌڙڪندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي جيڪا پنهنجن جي پنهنجن تي ظلم سان درد ۾ ٻڏل آهي ۽ اکين ڏٺو شاهد بڻجي 1971ع ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف رڙيون ڪري شاهدي ڏئي رهي آهي.

مسعود مفتي جي ان ڪتاب ۾ ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله نيازي خلاف ليکڪ پنهنجي نفرت کي ڪٿي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش به نه ڪئي، ڇو جو ليکڪ گھڻن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هو. مسعود مفتي اهو ڪتاب اوڀر پاڪستان جي بهارين جي نالي ڪيو. هي اهي ماڻهو هئا جيڪي 1947ع ۾ بهار، آسام، يوپي ۽ سي پي وغيره مان لڏپلاڻ ڪري اوڀر پاڪستان آيا هئا ۽ ٻئي درجي جا شهري بڻجي ويا.

هنن اهو ڄاڻيندي به تحريڪ پاڪستان ۾ حصو ورتو ته انهن جا علائقا ڪڏهن به پاڪستان ۾ شامل نه ٿيندا. هي 1947ع ۾ پنهنجي عزيزن جي لاشن تي ترندا ڍاڪا پهتا. ان مارچ ۽ اپريل 1971ع ۾ اهو ڏٺو جيڪو 1947ع ۾ به نه ٿيو هو، ڇو جو انهن بهارين کي پاڪستان سان وفاداري جي نالي تي هٿيار ڏنا ويا ۽ چيو ويو ته عوامي ليگ پاڪستان جي دشمن آهي. بهارين عوامي ليگ خلاف پاڪستاني فوج جو ساٿ ڏنو ۽ 16 ڊسمبر 1971ع کانپوءِ انهن کي ڪو پڇڻ وارو نه رهيو.

ڪجھه سال اڳ مون مسعود مفتي صاحب کي ڍاڪا جي ڌار ٿيڻ بابت ڳالهائڻ لاءِ جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ گھرايو. پروگرام ختم ٿيڻ تي واپس ويندي هن مون کان پڇيو “توهان ڪجھه ڏينهن اڳ  ڍاڪا ويا هئا اتي بهارين سان مليا هئا؟” مون هائوڪار ۾ بيان ڏنو ۽ ٻڌايو ته ها آئون بهارين جي هڪ وفد سان مليو هئس، اهي اڄ به پنهنجو پاڻ کي پاڪستاني چون ٿا. پاڪستان انهن کي وساري چڪو آهي پر هنن پاڪستان کي ناهي وساريو.

مسعود مفتي صاحب وڏي هلڪي لهجي ۾ ڀڻڪڻ واري انداز ۾ چيو اسان کي ان بي وفائي جي سزا ضرور ملندي. اسان جي بي وفائين جو داستان تمام وڏو آهي. اهڙن ماڻهن ۽ تنظيمن جي لسٽ به تمام ڊگهي آهي جيڪي رياست جو اثاثو هئا پر پوءِ اهي بار بڻجي ويا. ڪجھه کي ايف اي ٽي ايف جي نالي تي ويڙهيو ويو ۽ ڪجھه ويڙهجڻ جي انتظار ۾ آهن. اڄ ڪلهه ڪشميري اها دعا گھري رهيا آهن ته انهن جو انجام اهو نه ٿئي جيڪو بهارين جو ٿيو هو.

مسعود مفتي صاحب جي لاڏاڻي کان ڪجھه وقت اڳ سندس آخري ڪتاب ” دو مينار“ شايع ٿيو. هي ڪتاب پاڪستان جي اها تاريخ آهي جيڪا توهان کي نصابي ڪتابن ۾ نه ملندي. هي ڪتاب ان مرحوم بيوروڪريسي جي نالي آهي جنهن قائد اعظم رح جي پاڪستان کي پهرين 11 سالن ۾ آسمان تي پهچايو ۽ ايندڙ 13 سالن ۾ ماري ڇڏيو.

هن ڪتاب ۾ مسعود مفتي اهو به لکيو آهي ته 1969ع ۾ هن کي لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر بڻائي اماڻيو ويو ته ڪيئن نه جنرل يحيٰ خان بيورو ڪريسي جي مدد سان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڪيئن مسعود مفتي قانوني ضابطن جي اوٽ وٺي پنهنجي پاڻ کي سياسي انتقام ۾ ملوث ٿيڻ کان بچائيندو رهيو.

اهو ڪتاب پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ پاڪستان اڄ به اتي بيٺو آهي جتي يحيٰ خان جي دور ۾ بيٺو هو. آئون مسعود مفتي جي ڪتاب ”چهري اور مُهرَي“ جي آخري سٽن تي هن ڪالم کي ختم ڪريان ٿو. ”هن مملڪتِ خدا داد تي ڳجھا هٿ اڳوڻن جيان پنهنجي خدائي ڪندا رهندا. اهو منظر نامو جاري رهندو، جيستائين اسان جي قوم اهڙن هٿن ۽ اهڙن مُهرن جي طوفان جي اطاعت ڇڏي پنهنجي قسمت جي ڊُڪ ڊوڙ پنهنجي هٿن ۾ نٿي وٺي“.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.