حُڪومت ۽ مخالف ڌُر جي سياسي ڇڪتاڻ کي آهي ڪو ختم ڪرڻ وارو؟

سهيل وڙائچ

آهي ڪو جيڪو آڏو نظر ايندڙ  ٽڪراءُ کي روڪي سگهي؟ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سگهي؟ ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طاقت کي ڪمزور ٿيڻ کان روڪي سگهي؟ آهي ڪو جيڪو حڪومت کي صُلح اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي؟ اپوزيشن جي لانگ مارچ جهڙي انتهائي قدم کي روڪي سگهي؟ مهانگائي جي عذاب ۾ورتل عوام سان همدردي ڏيکاري؟ ڪورونا جي خوفناڪ مُند ۾حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڪورونا جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي؟

افسوس اهو آهي ته ملڪ اندر ڪابه اهڙي ٽين ڌر ناهي جيڪا جنگ لاءِ تيار ڌرين جي وچ ۾صُلح ڪرائي سگهي! افسوس اهو پڻ آهي ته هِن ملڪ ۾ڪو هڪ به جمهوري وڏو ناهي جيڪو حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾پئجي وچ وارو رستو ڪڍي!  افسوس ته اهو به آهي ته هِن ملڪ ۾ڪوبه آئيني يا جمهوري ادارو ناهي جيڪو ٽڪراءُ کان ڌُرين کي روڪي سگهي! واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته سياسي جنگ ٿيڻ واري آهي، ڪو به ادارو، ننڍو يا وڏو  چُري ئي نه پيو، ڇا جڏهن ٽڪراءُ جي باهه ڀڙڪندي تڏهن سڀ ننڊ مان اُٿندا؟

سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته پي ڊي ايم جلسن جو نئون ۽ خطرناڪ دور شروع ٿي وارو آهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو مرحلو هوندو. سو  اسلام آباد طرف لانگ مارچ کان اڳ ۾ٽين ڌر کي سرگرم ٿيڻ گهرجي ته جيئن مارچ جهڙو خطرناڪ ڪم ٿيڻ کان اڳ ئي روڪي سگهجي.

حڪومت جيڪڏهن پنهنجي سگهه ۽ انتظامي حڪمت عملي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته هِن سان سڄي ملڪ ۾گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪڏهن کُلي ڇوٽ ڏني وئي (جنهن جو امڪان گهٽ آهي) ته اسلام آباد ۾امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي. حڪومت لاءِ ته تحريڪ لبيڪ جي لانگ مارچ کي روڪڻ بهڏکيو  هو، تنهن ڪري 11 سياسي جماعتن جو ڪٺ پي ڊي ايم جو ڌرڻو ته وڌيڪ ڳرو پوندو.

جيڪڏهن ڪنهن کي ملڪي نظام بچائڻو آهي، جمهوريت کي قائم رکڻو آهي، موجوده حڪومت جي مينڊيٽ کي هلائڻو  آهي، اپوزيشن جي مطالبن کي اهميت ڏيڻي پوندي، ملڪ ۾سياسي ۽ معاشي مضبوطي کي برقرار رکڻو آهي ته پوءِ اهو وقت آهي جنهن ۾ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هِن وقت زميني صورتحال اِها آهي ته حڪومت اپوزيشن کي ايندڙ چونڊن لاءِ سُڌارن جي آڇ ڪري آهي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان به سُٺو ۽ شاندار بيان ڏنو آهي ته چونڊ سڌارن لاءِ تيار آهيان پر وزيراعظم جي آڇ هڪ لحاظ کان اپوزيشن کي چڙ ڏيارڻ جي برابر آهي ڇو ته جڏهن بامقصد ڳالهين لاءِ ماحول ٺاهيو ويندو آهي. اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن ته وچ ۾ماڻهو آندا ويندا آهن جيڪي ڌرين سان ڳالهيون ڪري عمل لائق ۽ راءِ سان اتفاق ڪندڙ حل ڪڍندا آهن، جڏهن ته وزيراعظم ان قسم جي ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪئي، بس رڳو ڳالهين جي دعوت ڏني، جنهن کي اپوزيشن تُرت رد ڪيو آهي.

گڏيل صورتحال اِها آهي ته موجوده سيٽ اپ جو دائرو ڪجهه اهڙي ريت تيار ٿي نڪتو آهي جو جيڪڏهن ان مان هڪ به سِر ڪڍيون ٿا ته سڄو نظام ڪِرڻ لڳندو. ٻڌڻ ۾اهو آيو آهي ته ڪابينا اندر ردو بدل ۽ گورننس جي باري ۾مکيه مشورن کي به سراسر نظرانداز ڪيو وڃي پيو. رياستي ادارن کي خدشو آهي ته موجود سيٽ اپ جي دائري کي هلڪو ڌڪ به لڳو ته نظام جو هلڻ ڏکيو ٿي پوندو. بهرحال افواهه به زور تي آهن ته مسلم ليگ ق ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾اختلاف هڪ ڀيرو وري وڌي ويا آهن.

ن ليگ چاهي ٿي ته اُها مريم نواز کي چوڌري شجاعت جي عيادت لاءِ موڪلي حڪمران ڪٺ ۾اختلافن کي وڌائي ۽ پنهنجي پاران نيڪ خواهشن جو اشارو ڏئي. ٻئي پاسي ق ليگ گهڻو محتاط آهي ڇو ته چوڌري پرويز الاهيٰ ڪنهن واضح سگنل جي بنا ڪوبه قدم نه کڻندو، ان کي ماضي ۾ڪيترائي تجربا ٿي چُڪا آهن. جڏهن به انهن اڌ پيغام کي پورو سگنل سمجهيو ته مامرو ابتو ٿي ويندو هو. ٻئي پاسي سڀ غير سياسي ماڻهو، وڏي خان صاحب جي رد عمل کان به ڊڄندا آهن، پنجاب ۾وڏي خان صاحب جي مرضي خلاف هٿ چراند ٿي ته خان صاحب ضرور جوابي ردِ عمل جو اظهار ڪندو.

ڪير به اهو نه ٿو ڄاڻي ته پنجاب ۾تبديلي آڻيندي آڻيندي پورو نظام  ڌماڪي سان ڪِري سگهي ٿو، سڀ تبديلي جا خواهشمند آهن پر اهو نه ٿا گُهرن ته ان جي نتيجي ۾سڄي سياسي دائري کي نقصان رسي. سياست ۾ٽائمنگ جي ڏاڍي اهميت هوندي آهي، اپوزيشن پنهنجن جلسن ۽ لانگ مارچ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت جوابي حڪمتِ عملي تيار ڪئي آهي؟ ڇا ڪو ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي يا پوءِ هر جلسي يا لانگ مارچ جي موقعي تي رڳو وقتي پاليسي ٺاهي ويندي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لانگ مارچ کان اڳ ۾اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ملڪي مضبوطي کي هٿي ڏني وڃي.

آخر ۾پڇڻو اهو هو ته ڇا هِن ملڪ ۾ڪو اهڙو شخص يا ادارو ناهي جنهن کي ٽڪراءُ روڪڻ جو خيال هجي؟ هر ڪو پنهنجي حب الوطني جو دُهل وڄائيندو آهي پر ڪو اڳتي اچي هن صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ  ڪوشش ڇو نه ٿو ڪري؟ ڇا جڏهن سڀاڻي ٽڪراءُ ٿي چُڪو هوندو، ملڪ ۾باهه لڳل هوندي، لانگ مارچ لاءِ قافلا  اسلام آباد روانا ٿي رهيا هوندا، هر هنڌ پوليس ۽ حفاظتي دستا ان قافلن کي روڪي رهيا هوندا، ملڪ ۾سياسي مضبوطي ختم ٿي ويندي، معاشي مضبوطي ختم ٿيڻ شروع ٿيندي، تڏهن سڀني کي هوش ايندو؟

پوءِ ته هن باهه کي وسائڻ، معاشي ڪمزوري کي روڪڻ، ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ ۽ جهيڙي کي ٺاهه ۾تبديل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. هاڻي به وقت آهي ته لاڳاپيل ماڻهن ۽ ادارا صورتحال جو تُرت ادراڪ ڪندي ڳالهين جو رستو کولين. ياد رهي لانگ مارچ ٿيو ته اسيمبلين ۾استعيفائون به ڏنيون وينديون ۽ ايئن ٿيو ته حڪومت هلڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ پوءِ رڳو حڪومت نه پر سڄو پاڪستان بحران ۾اچي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.