ٻاهتر سالن جي تجربي مان سکڻ گهرجي

ولي ناريجو

عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ جي سياسي سماجي ۽ معاشي صورتحال جيتري قدر تباھ ٿي وئي آهي سا ان کان اڳ ۾ شايد ئي رهي هجي. اڄ ملڪ جو هر شهري بيروزگاري، مهانگائي، غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. بدحاليءَ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪا ڪاوڙ پيدا ڪئي آهي سا ملڪ جي هر شهر ۾ عوام پاران روڊن ٿي ٿيندڙ احتجاج مان پسي سگهجي ٿي. هن ملڪ جي هر  سياسي جماعت جيڪا اقتدار ملڻ کان اڳ جمهوريت ۽ عوام دوستي ۽ تبديليءَ جون ڳلا ڦاڙي ڳالهيون ڪنديون آهن پر حڪومت ملڻ کان پوءِ ويتر عوام جي حالت ابتر ٿي وڃي ٿي جيڪا يقينن ڏوکيندڙ حقيقت آهي.!!

آخر اهڙي صورت حال پيدا ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿئي ٿي. عوام ۽ ملڪ  جي حالتن ۾ بهتري ڇو ڪونه ٿي اچي.؟  اها صورتحال ائين چند سالن ۾ ته ڪونه پيدا ٿي آهي. ان جي پويان هن ملڪ جي اصل حڪمرانن جي  هڪ وڏي سازش ڪارفرما رهي آهي.

پاڪستان جئين ئي ٺهيو ته ملڪ جو واڳ ڌڻي سازشي ٽولو ٿي ويٺو. ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي قتل ڪيو ويو . ملڪ جا بنياد جيڪي قائد اعظم محمد علي جناح جا بنيادي اصول هئا. جن جي باري ۾ ملڪ جي باني محمد  علي جناح ورجائي ورجائي چيو هو ته پاڪستان  هڪ  ٿيوڪريٽڪ رياست  (مذهبي رياست)  هر گز  نه هوندي. بلڪه هڪ سيڪيولر رياست هوندي. ڇا هي اهو ملڪ آهي؟ ، جيڪو صدين بلڪه هزارن سالن کان پرامن صوفي ڪلچر ۽ سيڪيولر سوچ جو ا مين  هو. هن ملڪ  کي جناح  جي  سيڪيولر  ۽  پرامن فلاحي رياست هئڻ بجاءِ هڪ سيڪيورٽي رياست بڻايو ويو. مذهبي سوچ کي انتها پسنديءَ طور اڀاريو  ويو. جنهن ڪري پاڪستان  انتها پسند  قوتن جو  ڳڙھ  بڻجي ويو . هن  ملڪ  اندر  مذھبي قوتن کي هٿ وٺي سرگرم ڪيو ويو .

انتهاپسندن کي آمريڪا جي اشارن تي  رياستي پٺڀرائي  حاصل رهي ۽  اڄ  به آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت هتان جي ماڻهن جي گهڻائي  سيڪيولر هئي، پر 80ع جي ڏهاڪي ۾ اسلام جي عشق  ۾  هن خطي  کي ملڪ جي آمر حڪمرانن مذھبي شدت پسندن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهنکي رياستي سطح تي هٿي ڏني وئي. جنهن کي هتان جو ايندڙ نسل صدين تائين ڀوڳيندو رهندو.. قائد اعظم جي اصولن سان غداري ڪري ملڪ کي مذهبي انتهاپسندن ۽ جنوني ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو. ملڪ مٿان آمر حڪمران مسلط ڪيا ويا. جن ملڪ ۾ عوام جي حقيقي جمهوري ۽ سيڪيولر نظريي تي هلندڙ سياستدانن ۽ حڪمرانن کي هلڻ نه ڏنو، جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو بلڪه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند عوام جي هردلعزيز اڳواڻن کي قتل ڪرايو ويو. ملڪ ۾  آمراڻيون ۽ ڪنٽرولڊ نام نهاد حڪومتون عوام مٿان مڙهيون ويون جئين اڄ عمران خان جي سليڪٽيڊ نام نهاد جمهوري حڪومت آهي.

ملڪ کي لاڳيتو طاقتور عالمي سامراجي قوتن جي اشارن تي هلايو ويو . پاڪستان کي ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي آمريڪي سامراج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ ھيٺ هلايو ويو. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان پورو ملڪ آمريڪا کي وڪڻي ڏئي ڇڏيو. لياقت علي خان وزيراعظم ٿيندي ئي آمريڪا ڏانهن هڪ خط لکيو ته” تحريڪ پاڪستان جي آزاديءَ ۾ مسلمانن جو جيڪو جاني ۽  مالي نقصان ٿيو آهي ان خرچ پکو ڏنو وڃي.“ آمريڪا پاڪستان حڪومت کي لکيو ته ”توهان پاڳل ٿي ويا آهيو جو اهو جي معاوضي جي گهر آمريڪا حڪومت کان ڪئي پئي وڃي.“ پاڪستان جي وزيراعظم آمريڪي حڪمرانن کي سمجهائيندي چيو ته ”هي ملڪ ۽ فوج ڏکڻ ايشيا ۾ بلڪه ايشيا ۾ توهان جي مفادن ۽ سلامتي جو تحفظ ڪندي اسان کي ان جي بدلي ۾  ڊالرز ڏنا وڃن “. پوءِ اسان ڏٺو ته پاڪستان سويت _ افغان جنگ ۾ استعمال ٿيو. جنهن جا ڀيانڪ نتيجا هتان جو پورهيت عوام ڀوڳي رهيو آهي. پر افسوس ته پاڪستان ان خوفناڪ جنگ مان ڪجهھ به نه پرايو آهي پر اڄ به پئسن عيوض سامراجي قوتن جو آلاڪار بڻيل آهي ۽ انهن جي ناجائز مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي .

9/11 کانپوءِ  پاڪستان کي دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ ڌڪيو ويو جنهن جو شڪار پورهيت عوام ٿيو. هزارين ماڻهن کي ان جنگ جي باھ ۾ اڇلايو ويو. لکين بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ قتل ڪيا ويا . هن ملڪ جي عوام غلط آمرانه پاليسين سبب جيترو لوڙيو آهي، ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن ملڪ جي عوام کي 72 سالن کان هڪ ويل به سک ۽ چين سان نه ويهڻ نه ڏنو ويو . هن ملڪ جو ڪوبه شهري پنهنجي زندگيءَ کان خوش ڪونهي پر لاڳيتي جدوجهد ڪندي، وڙهندي، احتجاج ڪندي مرندو نظر اچي ٿو .

موجوده حڪومت ۾ بيروزگاريءَ، مهانگائي، غربت، ناانصافي، فرقيواريت، آپگهات، بم ڌماڪن ۾ سوين انسانن جو رت وهڻ ،سياسي ڪارڪنن جو اغوا ۽ انهن جو قتل هن ملڪ ۾ معمول بڻيل آهن.

هزارين، لکين ماڻهو پنهنجن حقن ۽ انصاف خاطر روڊن رستن تي احتجاجي ڪندي ٻاڪاري رهيا آهن. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سياسي ماڻهن جو کنڀجڻ خلاف وطن دوست احتجاج ۾ آهن . سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام پنهنجن وسيلن ٻيٽن، جبلن، تيل، گئس ۽ زمينن تي وفاق جي قبضي خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت اهو سڀ ڪجهھ آئين ۽ قانون جي خلاف ڪري رهي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ملڪ کي آئين ۽ دستور مطابق نه هلايو ويو ته نتيجا ماضيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا. بدقسمتي سان هن ملڪ جا حڪمران سدائين اهو سڀ ڪجھه ڪندا رهن ٿا . انهن غلط فيصلن مان  سبق سکڻ لاءِ تيار ناهن. ساڳيون غلطيون ٻار ٻار دهرائيندا رهن ٿا .

اسان وري به اهو چونداسين ته جيڪڏهن 72 سالن کان هلندڙ ناڪام پاليسين کي تبديل نه ڪيو ويو ۽ هن ملڪ جنهن جا بنياد  هتان جي مظلوم قومن  قائد اعظم محمد علي جناح جي بنيادي اصولن ۽ 1940ع جي ٺهرائن تحت خومختياري ۽ خوداختياري واري واعدي تحت رکيا هئا نه هلايو ويو ته پوءِ شايد هن ملڪ کي نه بچائي سگهبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.