پاڻ کي سنڌي سڏائڻ واري اردو شاعره فهميده رياض جي ياد ۾

زرار پيرزادو

¨ فهميده رياٰض جديد ترقي پسند ۽ روشن خيال ادب جي باب طور جڳ مشهور هاڪ رکي ٿي، ان سان گڏ مزاحمت ڪار ۽ فيمنسٽ ليکڪا طور به باوقار سڃاڻپ رکي ٿي.پر فهميده رياض، سنڌ جي ادبي حلقي لاءِ به هر دلعزيز ليکڪا هئي،

¨ هن شاهه لطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي اردو ۾ ترجمو ڪيو ۽ ايئن هن  پاڪستان ۾ رهندڙ اردو ۽ سنڌي اديبن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ واري پُل بڻجڻ جو پڻ يادگار ڪردار ادا ڪيو.

¨ هن جي شخصي ۽ ادبي سڃاڻپ جو وڏو حوالو مزاحمت وارو به هو، ان مزاحمت سبب کيس ضياءَ واري ڪاري دور ۾ جلاوطني کي ڀوڳڻو پيو.

¨ فهميده رياض جو ٻيو يادگار حوالو سندس سنڌ ۽ سنڌين سان سياسي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان ڏک سک ۾ پير کڻڻ وارو هو.

¨ ڪامريڊ نذير عباسي جي شهادت کان پوءِ هن دلير عورت ميڊم حميده گهانگهرو سان به نه رڳو پير کنيو پر ڏکئي ۽ ڏهڪاءُ واري وقت ۾ سندس ساٿ به ڏنو.

¨ مون کي هن وقت اهو لکندي خوشي ۽ اطمينان محسوس ٿي رهيو آهي ته مون سندس سنڌين سان وک کڻڻ واري ڪردار تي سندس زندگيءَ ۾ ڪالم لکيو هو جيڪو هن پڙهيو ۽ ان تي انڪشاف جهڙي هڪ دلچسپ راءِ پڻ ڏني هئي.

¨ اهو ڪالم پڙهي ميڊم فهميده رياض ٻڌايو ته مون کي به اردو جي ادبي حلقي جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادبي حلقو وڌيڪ پنهنجو سمجهندو آهي..

¨ سو فهميده رياض انهن ٿورن اردو ادبي ليکڪن ۽ ليکڪائن مان هڪ هئي جيڪا پاڻ کي سنڌي سمجهندي هئي ۽ سنڌين سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي هئي.

¨ سو  نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته  پاڻ کي سنڌي سڏائڻ واري هن نامياري اردو ليکڪا فهيمده رياض جي اڄ ٻي ورسي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.