تعليم  ۽ شعور جو عملي مظاهرو: ڏوڪري جو تعليمي ميلو !

مسرور سيال

اسان وٽ ميلي جو مطلب پيرن ، فقيرن ، صوفين بزرگن جي درگاھن تي لڳندڙ ميلن جو ئي ورتو ويندو آھي ميلي جو لفظ ايندي ئي ذھن انھن ميلن منجھان ڪنھن به ھڪ ڏانھن ھليو وڃي ٿو .

جديد دور جي تقاضائن مطابق ھاڻ انھن ميلن تعليمي ، ادبي ، علمي ،  سائنسي ، ثقافتي طور سڃاڻپ ماڻي ورتي آھي جيڪي ٻن کان ٽن ۽ ھفتي تائين ھلندڙ ھجن ٿا. اھڙن ميلن جو اڪثر مرڪزن ۾  سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سمورن وڏن شھرن حيدرآباد ، سکر ،لاڙڪاڻو ، ميرپورخاص سميت ننڍا وڏا شھر شامل  آھن پر ننڍن شھرن ۾ به اھڙن ميلن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي . شھرن ۾ مصروف زندگي گذارجي ٿي تنھن ڪري ھي فيسٽيول ميل جول جو ذريعو بڻجڻ ٿا ۽ ڪجھ وقت لاءِ ھڪ ٻئي ٻڌڻ سمجھڻ لاءِ موقعو مهيا ڪن ٿا جڏھن ته ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ وري تعليمي ماحول جوڙن ، جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو ذريعو ھجن ٿا .  جيڪو بھترين عمل آھي ، جنھن جا شاگردن مٿان سٺا ۽ موثر اثر پئجي رھيا آھن . انھن مان ھڪ ڏوڪري تعليمي ميلو پڻ  آھي ھن جا به شھر ۽ ڀرپاسي  مٿان سٺا اثر ملڻ لڳا آھن .

” ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ” پاران لڳايل ھي ميلو ڏوڪري جي غلام مصطفي جتوئي ميموريل پبلڪ لائبريري جي  ڇٻراٽي واري اڱڻ  ۾ 14 ۽ 15 نومبر  2020ع  ڇنڇر ، آچر ڏھاڙن تي منعقد ڪيو ويو. لائبريري جي ڀر ۾ لڳايل بڪ اسٽال لائبريري سان ڪتابن جي ازلي  لاڳاپي کي جھومندي ظاھر ڪري رھيو ھو جنھن سبب لائبريري جي عمارت به ڪشادي دل واري لڳي رھي ھئي .

ھي ميلو ان ڪري به منفرد ھو جو ڏوڪري شھر ھن وقت تعليمي ميدان ۾ تمام بھترين ڪارڪردگي وارو ثابت ٿيو آھي ھتان جا نوجوان نه صرف سرڪار جي اڻپوري سھولت واري ھن لائبريري ۾ وڏي انگ ۾ اچن ٿا پر خانگي طور به ننڍيون لائبريريون ۽ اسٽڊي رومز تيار ڪري اسٽيڊي ڪن ٿا ۽ چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن ۾ حصو وٺن ٿا ان جو نتيجو آھي ته ھتان جو نوجوان پنھنجي محنت سان سٺن سرڪاري عھدن تي فائض ٿي  رھيا آھن ڪيترائي اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪار ،پوليس آفيسرز ۽ ٻين کاتن ۾ غريبن جا ٻار به ڪامورا بڻجي ويا آھن جيڪو ھتان جي نوجوانن جي تعليم سان چاھ ۽ امتحانن ۾ دلچسپي کي ظاھر ڪري ٿو . ھن ميلي کي منعقد ڪندڙ اھي نوجوان ئي آھن جن جي رھنمائي سنڌ جي نالي وارو ليکڪ ۽  اديب  عيسي ميمڻ ڪري رھيو ھو . ميلي جي افتتاحي تقريب 14 نومبر تي تاريخ سان عشق جي حد تائين پيار ڪندڙ  ڪھنه مشق  اديب، محقق ، تاريخدان  ،  تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي (ميموريل) ڊگري ڪاليج ڏوڪريءَ جي پرنسپال سائين عبدالڪريم سومرو گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي صدر ۽ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي هيڊ ماستر سائين  نثار احمد سولنگي، سماجي اڳوڻ  تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ لياقت ميراڻي، برڪت الله جوڻيجي، جھونو صحافي ڏوڪري پريس ڪلب جو سرپرست اعلي  محمد رمضان جوڻيجي ۽ ميلي سجائيندڙ  عيسيٰ ميمڻ ربن ڪٽي ميلي جو افتتاح ڪيو. پروگرام جي آرگنائيزر نوجوان ليکڪ ۽ محقق عيسيٰ ميمڻ  مھمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته ، ”ھي تعليمي ميلو منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي اھو شعور ۽ آگاهي ڏيڻ آهي ته، تعليم جو مقصد رڳو نوڪريءَ جي حاصلات ناھي پر پنهنجي ڌرتي، قوم، ٻوليءَ ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ به آھي ”  ته جئين پروگرام جو اصل  متن  کلي ظاھر ٿي پيو ھجي !   ھن پنھنجي  خطاب م ھر سال ايجوڪيشنل فيسٽيول ملھائڻ جو اعلان پڻ ڪيو  ۽ چيو ته ھن ميلي جي ذريعي نوجوانن کي جديد تعليم توڙي ان کي حاصل ڪرڻ جي ذريعن جي ڄاڻ ملندي. اھڙي نموني مھمانن جي خطابن جو سلسلو جاري ٿيو ته  ھر ھڪ پئي لفظن جا موتي پوئيا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جنھن سڀن کان آخر ۾ صدارتي خطاب ڪيو ان  چيو ته،  دنيا ۾ تعليمي انقلابن جو اثر وٺندي ”سنڌ اندر به  تعليم جي ميدان ۾ وڏي انقلابي تبديليءَ جي ضرورت آهي.  اسان کي سمورو تعليمي نظام کي بدلائڻو پوندو ۽ ان کي  جديد دور جي تقاضائن مطابق بڻائڻو پوندو. ڏوڪريءَ ۾ ايجوڪيشنل فيسٽيول به ان تبديلي ڏانھن ھڪ وک آھي جنھن کي  ڏسي اھو اعتماد پختو ٿيو آهي ته اسان جو نئون نسل صحي  واٽ تي هلي رهيو آھي.  .“ نامياري صحافي ۽ ليکڪ روزاني عوامي آواز جي اسسٽنٽ ايڊيٽر  زرار پيرزادي چيو ته، ” دنيا جي قديم ۽ سنڌ جي عظيم تھذيب موھين جي دڙي جي ڇانوري ۾ ڏوڪري تعليمي ميلو اصل ۾  سجاڳيءَ جو انقلاب آھي،  جنھن جا اثر رڳو ھن علائقي تي نه پر  سڄي سنڌ ۾ نظر ايندا ۽ ھڪ مثالي نموني واري ڪردار طور ڏوڪري جي ھن نوجوانن جي محنت کي سڃاتو  ويندو،  هن ايجوڪيشنل فيسٽيول جي سڄي سنڌ ۾ آجيان ٿي آھي ۽  ٿيڻ به گھرجي اسان کي اھڙن پروگرامن جي  ضرورت آھي جنھن سان علم ، ادب ۽ تعليمي شعور کي سگهھ ملندي  هجي. ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجي چيو ته، ”ڏوڪري تعليمي ميلو شاندار ڪاوش آهي. سنڌ جي ھر ضلعي، تعلقي ۽ هر شھر ۾ ھن قسم جا تعليمي ميلا ٿيڻ گهرجن.“ سماجي اڳواڻ ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ  لياقت ميراڻيءَ چيو ته، ”تعليم ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان قومون ترقيءَ جي ميدان ۾ سوڀ حاصل ڪري سگهنديون آهن. گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ميموريل ڊگري ڪاليج ڏوڪريءَ جي پرنسپال سائين عبدالڪريم سومرو چيو ته، ” منزل تي پھچائڻ جو اڪيلو رستو علم ئي جنھن  وسيلي انڏان منزل ماڻي وٺندو آهي. نوجوانن ھي ميلو لڳائي بهتر مستقبل جي واٽ ورتي  آهي. ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ عبدالغفور زهراڻيءَ چيو ته ڏوڪري وڏي عرصي کان تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھائيندي پئي اچي. جھوني صحافي سينيئر سماجي اڳواڻ ڏوڪري پريس ڪلب جي سرپرست اعلي  صحافي محمد رمضان جوڻيجي خطاب ڪندي چيو ته ، ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي ۽ عيسيٰ ميمڻ تائين ڏوڪريءَ وڏا نالا پيدا ڪيا آهن. جن وري سموري  سنڌ ۾  پنھنجو نالو روشن ڪيو جيڪو اصل ۾ ڏوڪري لاءِ اعزاز آهي.“ ان موقعي تي  گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ھاء اسڪول جو ھيڊ ماسٽر گسٽا اڳواڻ سائين نثار سولنگي ، غلام مصطفي ميموريل پبلڪ لائبريري ڏوڪري جو انچارج رحمان ھيسباڻي،  محمد علي ميمڻ  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب م ٻين کانسواءِ پروفيسر قبولائي ، ڪالم نگار ليکڪ مسرورسيال ، تعليمي ماھر زبير علي پنھور ، صحافي مشتاق سومرو ، عبدالجبار ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي .

ميلي جي  افتتاحي تقريب کان پوءِ ٻيا  سيشن  ھلايا ويا ۽  مختلف تعليمي ماھرن تعليم سان لاڳاپيل ڌار ڌار موضوعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. جن مان نوجوان تعليمي ماھر عبدالقدير ڪانڌڙي ”جديد تعليم ۽ جديد ٽيڪنالوجيءَ جو سوال“واري موضوع تي ڳالهايو.”جديد تعليم ڇا آهي“ واري موضوع تي نامياري تعليمدان فرزانه چانڊيو ڳالهايو. ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتئي ”جديد دور جون تقاضائون ۽ اسان جو نوجوان“ واري موضوع تي ويچار ونڊيا ۽ چيو ته، ”اسان انٽرنيٽ ذريعي سموري دنيا سان ڳنڍيل آهيون ان ڪري اسان کي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪري وسيع بڻائڻو پوندو. اسان جا نوجوان جيڪڏهن گلوبل دور سان گڏ نه هلندا ته پُٺتي رھجي ويندا.  جديد ٽيڪنالاجي ۽ گلوبلائيزيشن سان گڏ ھلندي اسان جي نوجوانن کي پنهنجي ٻولي ۽ شناخت کي پڻ برقرار رکڻو پوندو.“ نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر ”سنڌ جي تعليمي صورتحال“ جي موضوع تي ڳالهايو ۽ چيو ته، ”علم جيڪو مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي حق ۾ استعمال نٿو ٿئي، اھڙو علم بيڪار آهي. ھن تعليمي ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوان ڏسي اعتماد پختو ٿيو آهي ته هو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلي لھرون ضرور اڀاريندا.”تبديليءَ جو سوال ۽ نوجوانن جو ڪردار“ واري موضوع تي نوجوان ليکڪ نثار ڪنڀر ويچار ونڊينديا. سماجي اڳواڻ علي رضا جلباڻيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، ”اسان کي اڪيڊمڪ تعليم سان گڏ اھڙي علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو شعور کي اجاگر ڪري.

اھڙي نموني ميلي جي ٻئي ڏينهن  15 نومبر تي چوٿين سيشن ۾ ”عالمي تناظر ۾ سنڌ جي تعليم“ بابت ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻي جي پرو وائيس چانسلر سيد اظھر علي شاھ چيو ته، ”انفرا اسٽرڪچر ۽ نصاب سميت سموري تعليمي نظام کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھي تعليمي ميلو پنهنجي جوهر ۾ نرالو ۽ اھم فيسٽيول آهي،پروفيسر مختيار سمي پنهنجي مليل موضوع ”تعليم جو سماجي تبديليءَ ۾ حصو“ تي ويچار ونڊيندي چيو ته هن جهالت واري دور ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي ۽ اھا تبديلي صرف تعليم وسيلي ئي اچي سگهي ٿي. هن قسم جا تعليمي ميلا تبديليءَ لاءِ راھ ھموار ڪندا.“ سنڌ يونرورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيي ”يورپ ۾اعليٰ تعليم ۽ اسڪالر شپ جا موقعا“ تي ڳالهائيندي چيو ته، ”اسان جي نوجوانن کي رڳو سنڌ ۽ پاڪستان نه پر پوري دنيا جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ بابت سوچڻ گهرجي. ”شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر زيد پيرزادي سنڌ جي تعليمي نظام جي سڌاري بابت تجويزون“ تي روشني وڌي. هن چيو ته، ”دنيا ۾ تعليم جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي پر سنڌ ۾ تعليم جو نظام ڪنهن به حوالي سان بهتر نه آهي. هن چيو ته ٻارن کي سندن صلاحيتن موجب تعليم ڏني وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ ھڪ جھڙو تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي. تعليم جي بهتريءَ لاءِ سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي.“ ”سنڌ جي تعليمي ادارن جي صورتحال جو جائزو“ بابت  تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻ لياقت ميراڻيءَ خيالن جو اظهار ڪيو.

ٻن ڏھاڙن وارو ڏوڪري تعليمي ميلو پنھنجن فڪري پيغامن سان گڏ پڄاڻي تي پھتو پر نوجوانن کي ھڪ نئون ولولو ، اتساھ ڏنو ته زندگي کي سھڻي بڻائڻ لاءِ تعليم جا زيور ضروري آھن ۽ تعليم جا زيور تيستائين نٿا پائي سگھجن جيستائين تعليم بابت جاڳرتا پيدا نه ٿئي ۽ ان جاڳرتا لاءِ تعليمي سرگرميون ئي ڪارگر ثابت ٿين ٿيون . انھن سرگرمين ۾ تعليمي ميلا ( ايجوڪيشنل فيسٽيول ) ھ. جديد دور جي تقاضائن مطابق منفرد ۽ بھترين سرگرميون ثابت ٿي رھيون آھن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.