مستقبل جي سڀ کان وڏي اميد ٻار آهن !

اشرف لاريب

ٻارن کي انسانن جي نرسري به چئي سگهجي ٿو. هن دنيا جي خوبصورتي ٻارن جي دم سان قائم آهي. معصوم چهرن جا مالڪ، نرم ملائم پتڪڙا هٿ خوبصورت زندگيءَ جو دڳ ڏسين ٿا. انهن معصوم چهرن جي خوبصورتي ۽ ڪچن ذهنن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏين وڏين تحقيقن ۽ ادارن  ۾ ٻارن لاءِ مخصوص پروگرام رکيا وڃن ٿا. انهن ٻارن جي تعليم۽  تربيت  لاءِ خاص قسم جا انتظام ڪيا وڃن ٿا ته جيئن اها انسانن جي نرسري وڌي ويجهي وڏي  ٿي بهترين شهري ثابت ٿي دنيا جو ڪاروهنوار هلائي سگهي.

تازي تحقيق جي مطابق ڪورونا کان پهرين مهانگائي ۽ غير معياري چائلڊ ڪيئر ۽ ابتدائي تعليم ڪري دنيا ۾ موجود وا لدين پنهنجن ٻارن کي غير محفوظ ماحول ۾ ڇڏڻ تي مجبور هئا، جيڪو ان جي واڌ ويجهه لاءِ موزون نه هئو. اهوئي سبب هو ته  پوري دنيا ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا 3 ڪروڙ 50 لکن کان به وڌيڪ ٻار پنهنجن والدين جي پرورش کان محروم ٿي ويا هئا..

سمورا والدين پنهنجن ٻارن کي سٺو شاگرد بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺندا رهندا آهن ۽ سٺو شاگرد  بڻجڻ لاءِ ٻارن ۾  سٺي صحت جو هجڻ به نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ بيمار جسم ۾ ڪڏهن به صحتمند دماغ وڌي ويجهي نٿو سگهي. پر اڄ ڪلهه جي دور ۾ هڪ ته ٻارن کي سير ۽ تفريح جا موقعا تما گهٽ ميسر ٿين ٿا. اسڪولن ۾ پڻ هنن لاءِ راند روند ڪرڻ جا موقعا تمام گهٽ آهن، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه جي دور ۾ اسڪول ننڍين ننڍين رهائشي عمارتن ۾ هلايا وڃن ٿا. جڏهن  ته ان جي ڀيٽ ۾ پراڻي دور ۾ اسڪول رهائشي علائقن کان پري وڏين وڏين عمارتن ۾ قائم ڪيا ويندا هئا. جنهن ۾ راند روند جا وڏا وڏا ميدان خاص طور تي رکرايا  ويندا هئا. پر هن دور ۾ ٻارن لاءِ راند کيڏڻ ۽ تفريح جا موقعا نه هئڻ جي برابر آهن هڪ ته اسڪول سوڙهين گهٽين ۾ قائم ڪيا وڃن ٿا، جنهن ۾ پنج ڪلاڪ صرف اڌ ڪلاڪ جي وقفي سان اسڪول ۾ هڪ ڊيسڪ تي ويهي ٻار پڙهن ٿا. اسڪول کان واپس اچڻ تي ٻار ماني کائيندا آهن، تنهن کان پوءِ ٻارن جي اڪيڊمي وڃڻ جو وقت ٿي ويندو آهي. اڪيڊمي کان موٽڻ کانپوءِ ماني کائي وري ٽي وي تي ويهي يا موبائل تي راند کيڏي وقت پاس ڪندا آهن جنهن سان هنن جي جسماني ۽ ذهني صحت سخت متاثر ٿئي ٿي..

اسان جي سوسائٽي ۾ ٻن قسمن جا ٻار رهن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي والدين جي پرورش هيٺ رهي ٻالڪپڻ گذارين ٿا. اهي وڏا ٿي ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي پهچن ٿا ۽ اڳتي هلي اُهي پنهنجن والدين جا ڀرجهلا ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ پڻ ڪانه ڪا خدمت ڪن ٿا.

ٻيا اُهي ٻار جيڪي تمام ننڍڙي وهي ۾ پنهنجن مائرن ۽ والدين کان ڌار ٿي ڪنهن نه ڪنهن مجبوري تحت يا ته ڪو پورهيو ڪن ٿا يا وري گلين گهٽين ۾ رُلي پني وقت گذاري جوانيءَ جي عمر تائين رسن ٿا. اُهي ٻار ڪنهن جي به ذميواري هيٺ نه ايندا  آهن. اهڙي قسم جا ٻار يا ته ڪنهن خطرناڪ گروهه جي هٿ چڙهي وڃن ٿا، جيڪي انهن معصومن کان چئن کان پنجن سالن جي عمر کان ئي پورهيو ڪرائين ٿا يا وري انهن کي ڪانه ڪا معذوري ڏئي انهن کي پنڻ تي مجبور ڪن ٿا. اهڙي قسم جا ٻار اسان جي سوسائٽيءَ ۾ هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ آهن. اهڙا ڪيترائي ٻار اسڪولن کان محروم آهن. انهن ٻارن جي ڪو  به  ماڻهو ذميواري کڻي نٿو ۽  اڳتي هلي اهڙا ٻار يا ته هوٽلن ۾ بيراگيري ڪن ٿا، يا پنن ٿا يا وڏا ٿي ملڪ جو امن ۽ سڪون خراب ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. اسان کي انهن ٻنهي قسمن جي ٻارن لاءِ الڳ الڳ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي .

ڏٺو وڃي ته اهي ٻار ئي اسان جي معاشري جي بهتر مستقبل لاءِ سرمايو آهي.اهي ئي ٻار اسان جي معاشري کي تشڪيل ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. انهن ٻنهي قسمن جي ٻارن لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته علم کي هٿي ڏيڻ سان انهن معصوم چهرن جا ذهن روشن ڪري سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ ته تاريڪ ذهنن ۾ ٺڳي، ڪوڙ، فريب، جهيڙو ۽ ٻيون بداخلاقيءَ جهڙيون خراب معاشرتي بيماريون پيدا ٿين ٿيون جنهن سان اسان جو معاشرو ٻين سڌريل ملڪن ۾ بدناميءَ جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن ته تعليم  عام ڪرڻ سان معصوم ٻارن جا ذهن علم وسيلي وسيع ٿي انهن کي ڪارگر انسان بنائين ٿا. اها مڃيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به سڌريل معاشري کي ڏسڻو هجي ته انهن ملڪن جي عوامي جاين،ميڙاڪن ، بس اسٽاپن، روڊن ۽  رستن ۾ گهمندڙ عوام جي حالتن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ترقي جي رفتار ڪيتري درجي جي  آهي ؟ عوامي جاين تي ننڍي وهيءَ ۾ مزدوري ڪندڙ ٻار، پنندڙ ٻار، گهٽين ۾ رلندڙ ٻار، جيلن ۾ بند ڪيل ٻار، ننڍي عمر ۾ ڏوهي ماڻهن سان ڏوهه ڪندڙ ٻار اهو ٻڌائي رهيا هوندا آهن ته ملڪ ۾ حڪمرانن جو، سماج سڌارڪ ادارن، تنظيمن جي پنهنجي  ملڪن سان ڪيتري دلچسپي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي جيڪڏهن پرگهور نه لهنداسين  ،انهن کي انهن جا حق نه ڏيارينداسين ته اهي ئي ٻار ملڪ جي مستقبل جو بنياد مضبوط يا ڪمزور ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ٻارن جي بهتر آئيندي  ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ هر قسم جي ٻارن لاءِ بنيادي تعليم ضروري آهي. جيڪڏهن  اسان جي معاشري ۾ تعليم کي عام نه ڪيو ويو ۽ بند پيل اسڪول فعال نه ڪيا ويا ته اُهي سمورا ٻار جيڪي پنهنجن والدين وٽ آهن ۽ جيڪي والدين کان پري آهن بهتر تعليم جي گهٽتائي ڪري انهن جي اخلاقي تعليم شديد متاثر ٿيندي. نتيجي ۾ اهي ٻار وڏا ٿي سچ ۽ ڪوڙ ۾ تميز ڪري نه سگهندا آهن. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري سبب تعليم تمام مهانگي ٿي وئي آهي. غربت سبب والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ جي بجاءِ ننڍي عمر ۾ پورهيو ڪرائڻ تي مجبور ڪن ٿا. پورهيو ڪندي اُهي ٻار خراب ماڻهن جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ تعليم جهڙي نعمت کان پري ٿي وڃن ٿا.

سنڌ حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ سنجيدگي سان سوچي تعليم کي عام ڪيو وڃي  ڇاڪاڻ ته مستقبل جي سڀ کان وڏي اميد ٻار ئي آهن.

ننڍڙا ٻار سرمايو آهن قومن جو مضبوط پايو آهن، هنن جي محبت ۽ سنجيدگي سان پالڻا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.