علماءِ ڪائونسل پاران احمدي برادري جي ماڻهن جي قتل جي مذمت

اسلام آباد ( م ڊ ) مذهبي هم آهنگي ۽ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي،  احمدي برادري جي ماڻهن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ شخص جو قتل انسانيت جي قتل جي برابر آهي. جاري ڪيل بيان ۾ مولانا طاهر اشرفي چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته ان کي سزا ڏيڻ حڪومتن ۽عدالتن جي ذميواري هوندي آهي، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي پشاور ۽ ننڪانه صاحب ۾ قتل جي واقعن جي جاچ ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ م ڪنهن فرد، گروپ يا تنظيم کي عدالتن کان مٿڀري قتل ۽ فساد پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.