جنسي بگهڙن جو گهيرو تنگ، حڪومت پاران سخت قانون آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ ) حڪومت ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي نشان عبرت بڻائڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم  عمران خان خان قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ انساني حقن واري وزير شيرين مزاري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر علي ظفر به موجود هو. وزيراعظم عمران خان هدايت ڏني ته ٻارن ۽ عورت سان زيادتي جي جوابدارن خلاف سخت سزائن تي ٻڌل قانون آندو وڃي، اهڙو قانون آندو وڃي، جيئن متاثر عورتون يا ٻارڙا بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهن. عمران خان چيو ته قانون ۾ متاثر عورتن توڙي ٻارڙن جي سڃاڻپ جي تحفظ جو خيال رکيو وڃي، اسان پنهنجي معاشري کي محفوظ ماحول ڏيڻو آهي، زيادتي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو آرڊيننس ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.