سکر ۾حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن، چڪريون، 20گرفتار

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جي بئراج ڪالوني واري علائقي ۾ ڪئنالن جَي ڪپرن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا جو آپريشن  دوران پوليس ۽ رهواسين وچ ۾چڪريون ٿي پيون. سکر ۾انتظاميا عدالتي حڪم تحت آبپاشي کاتي جي زمين تان  قبضا ختم ڪرڻ ٻن ڏينهن جي وقفي بعد ٻيهر آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران مسجد سميت ڪيترائي گھر ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، آپريشن خلاف رهواسين ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن دوران پوليس سان چڪريون ٿي پيون، پوليس لٺبازي ڪندي 20 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آپريشن روڪيو ويو، اطلاع تي جي يو آءِ جو مرڪزي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻيا پهچي،ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر واقعي واري هنڌ پهچي جي يو آءِ اڳواڻ سان ڳالهيون ڪيون. جي يو اڳواڻن سومر ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان وقت تائين آپريشن روڪڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو انتظاميا تسليم ڪندي آپريشن ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، انتظاميا موجب عدالت جي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، ان کان اڳ نوٽيس ڏنا ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.