ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ترقي رفتار گهٽ آهي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ فتح ڪيل  علائقو ناهي، ڪراچي سميت سنڌ جي انچ انچ، وسيلن ٻيٽن تيل گيس ڪوئلي جا مالڪ سنڌي آھن. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان اسان جي ماءُ آهي ان تي وار ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ترقي جي رفتار بلڪل گھٽ آھي، قدرتي وسيلن جي ڪمائي سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ۽ بنيادي حقن تي خرچ نه ٿي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.