نوٽيس ڏيڻ سان گڏ گهرن تي نشان لڳايا ويا هئا: انتظاميا

سکر: ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي. آپريشن کان اڳ ۾ گهر گهاٽ خالي ڪرڻ لاءِ  نوٽيس ڏنا ويا هئا، قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ نشان لڳايا ويا هئا. جنهن کانپوءِ آپريشن ڪري حددخليون ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين تي زمين الاٽمينٽ ريفرنس ۾ فرد جرم

ڪراچي ( رپورٽر) احتساب عدالت ڪراچي ۾ڪلفٽن جي ساحلي زمين جي غيرقانوني 198پلاٽ الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾  پي ايس پي جي چئيرمين  مصطفيٰ ڪمال، افتخار قائمخاني، نذر زرداري، فضل الرحمان ،دائود ممتازحيدر سميت  ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ،جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪرڻ تي عدالت شاهدن کي 5 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتوآهي، نيب عدالت کي ٻڌايو هو ته مصظفيٰ ڪمال جڏهن سٽي ناظم هو تڏهن سرڪاري زمين الاٽ ڪئي وئي،  عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بلدياتي ادارن تي ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته وزير اعطم جي ڪرپشن جي حوالي سان جاري بيانن کان پوءِ ملڪ ۾ڪرپشن وڌيڪ ٿي وئي آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ ننڍي عمر جي نينگرين ۽ عورتن سان زيادتي ۽ قتل جا واقعا پيش اچي رهيا آهن.هن چيو ته روزاني 18 کان 20 ٻارڙن سان زيادتي ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڪراچي جي حالت بدترين آهي، بلاول ڀٽو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي عمران خان تي تنقيد ڪري رهيو آهي، هن  کي تنقيد ڪرڻ جو حق نه آهي،  ان جي حڪومت سنڌ کي تباهه ڪيو آهي .

شيخوپوره ۾ ايف آءِ اي جو ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي اوطاق تي ڇاپو

شيخوپوره ( م ڊ  )  ايف آءِ اي شيخوپوره ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف جي اوطاق تي ڇاپو هنيو، جنهن جي جاويد لطيف به تصديق ڪئي آهي. ن ليگي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته اوطاق تي موجود سندس آفيس جو رڪارڊ به قبضي ۾ ورتو ويو آهي. جاويد لطيف ڇاپي جو سي سي ٽي وي وڊيو به ٽوئٽ تي شيئر ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.