”مرسون مرسون گهر نه ڏيسون“ لاڙڪاڻي ۾ آپريشن متاثرن جو ٻارين ٻچين ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال، آبڙو واھ، گهاڙ واهه شهر جي ايريگيشن ڪالوني جي رهواسي عورتن مٿي تي پاڪ ڪتاب رکي سخت سيءُ ۾ ٽن  ڪلاڪن تائين صبح 8 وڳي کان 11 وڳي تائين مسلسل مردن ۽ ٻارن سان گڏجي شهر جي لاهوري ريگيوليٽر تي امڪاني طور گهر ڊاهڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران “پڇون آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ” سميت ايڪوسائونڊ تي ٻيا گيت ڳائي رهواسين کي گرمايو ويو جتي هنن “مرسون مرسون گهر نه ڏيسون”، “گهر ڊاهڻ بند ڪيو”، “هي داداگيري، هي غنڊه گردي بند ڪيو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا. ڌرڻي ۾ لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي ايم پي معظم علي عباسي، پي پي پي ضلعي اطلاعات سيڪريٽري عمران حسن جتوئي، قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي، تنظيم اصلاح الفقراءَ حسينيه نقشبنديه جي ضلعي صدر حافظ گل حسن جتوئي سميت سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن اظهار يڪجهتي طور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته رهواسين جي گهرن کي قبضا ۽ حددخليون ڄاڻائي ڊاهڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ وارو مسئلو نه صرف 16 هزار گهرن ۾ رهندڙ رهواسين پر پوري لاڙڪاڻي واسين جو آهي، هر گهر مان هڪ هڪ فرد به ٻاهر نڪري ڪري احتجاج ڪري حڪمرانن جي ضمير کي جاڳائي ته هو به هن سنڌ ڌرتي جا ڄاوا آهي جيڪي پنهنجي گهرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڊاهڻ ڪو نه ڏيندا. هن چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهين 16 هزار گهرن کي ڊاهيو ٿا ته اتي ڇا ٺاهيندئو ۽ ان لاءِ انتظاميه جو ماسٽر پلان توڙي رهواسين جي لاءِ متبادل طور ڪهڙو انتظام ٿيل آهي؟. عمران حسن جتوئي چيو ته پيپلز پارٽي رهواسين جا گهر ڊاهڻ جي خلاف آهي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، اختيار کرل، ڊاڪٽر سليم ميراڻي، علي اڪبر تنيو، محمد مٺل جوڻيجو، لال جان لاشاري، نعيم ميمڻ، غلام سرور شيخ، اختر حسين لاڙڪ، منٺار ڀٽو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن سان تقريبن 50 ايڪڙ ايراضي تي اسان جا 10 هزار کان مٿي گهر ٺهيل آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.