جسٽس وقار اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت جي قيمت چڪائي: لطيف آفريدي

ڪراچي ( م ڊ ) ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويل پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ هڪ بهادر جج هو، ان کان علاوه  هو اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو پاڪستان ۾ ڪامياب آهي، هن روايت جي ابتڙ ملڪ جي طاقتور فوج جي مقابلي ۾ قانون کي ترجيح ڏني. کيس ڀيٽا پيش ڪندڙن جرئتمند، بهادر ۽ آزاد قرار ڏنو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ سندس فيصلن فوج ۽ حڪومت ٻنهي کي ناراض ڪيو، جن ۾ اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائڻ واري خبر شامل آهي، اها خبر سموري دنيا جي ميڊيا ۾ هيڊلائنز بڻي. هن انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اسٽيبلشمينٽ کي به چيلينج ڪيو، ان قانون کي رد ڪيو، جنهن تحت فوج ڳجها حراستي مرڪز هلائيندي هئي، درجنين اهڙن ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جن کي اڻپورن ثبوتن جي ڪري دهشتگردي جي قانون تحت سزائون ٻڌايون ويون هيون، 13 نومبر تي سندس لاڏاڻي کانپوءِ وڪيل سموري ملڪ ۾ سوڳ ملهائي رهيا آهن. جسٽس وقار سيٺ 2018 ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو پر کيس سپريم ڪورٽ ۾ ترقي نه ڏني وئي، هيومن رائيٽس آف ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق، جسٽس وقار سيٺ جي لاڏاڻي عدليه لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته جسٽس وقار سيٺ جو رتبو ان جي غير معمولي عدالتي فيصلن جي ڪري نه پر انتهائي جابراڻي حالتن ۾ اهڙا فيصلا لکڻ سان وڌيو، جنهن لاءِ گهڻي جرئت گهربل هوندي آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالطيف آفريدي کيس باهمت ۽ سوديبازي نه ڪندڙ اهڙي شخصيت قرار ڏنو، جيڪو فوج جي مقابلي ۾ بيهڻ کان به پوئتي نه هٽندو هو، کيس سينارٽي باوجود 3 ڀيرا سپريم ڪورٽ ۾ ترقي کان محروم رکيو ويو. ايڇ آر سي پي جي حارث خليق پرويز مشرف بابت فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ته جسٽس وقار جي لفظن جي چونڊ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر آئين جي روح موجب هڪ فوجي حڪمران کي سخت سزا ٻائڻ جو فعل هڪ تاريخ قدم هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.