وزيراعظم معيشت بابت بي خبر آهي: سراج الحق

لاهور (بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته وزير اعظم بي  خبر آهي ،مشير کيس غلط اطلاع ڏئي رهيا آهن ممڪن آهي ته وزير اعظم جي پاڻ جي معاشي حالت بهتر ٿي وئي هجي پر ملڪي معيشت ٻڏي وئي آهي. پاڪستان جي ڪرنسي هن وقت ڀوٽان ، افغانستان ۽ سريلنڪا کان به هيٺ هلي وئي آهي. جماعت اسلامي جي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف هلندڙ تحريڪ عام ماڻهو جي دل جي آواز بڻجي وئي آهي. عوام هاڻ حڪومت کان بيزار آهي ۽ انکي وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت جي جيل مان 40 قيدي فرار

بيروت ( م ڊ ) لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت جي هڪ جيل مان 40 قيدي فرار ٿي ويا. سرڪاري ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن بيروت جي اوڀر علائقي ۾ موجود بابدا جيل مان فرار ٿيندڙ قيدين سيڪيورٽي گارڊن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز انهن قيدين جي ڳولا ۾ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب ڪجهه مفرور قيدين هڪ گاڏي چوري ڪئي، جيڪا حادثي جو شڪار ٿي وئي ۽ اهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه فرار ٿيندڙ قيدين جي گرفتاري جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

ايس ايس جي سي ۾ غير قانوني ٺيڪن واري ريفرنس ۾ نيب شاهد غير حاضر

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ ايس ايس جي سي ۾ غير قانوني ٺيڪن واري ريفرنس ڪيس ۾ جوابدارن کي پيش ڪيو ويو .  نيب پاران شاهد پيش نه ٿيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي هر حالت ۾ شاهد کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻڌڻي دوران نيب جو پراسيڪيوٽر به موجود نه هو .ڊاڪٽر عاصم پرڏيهي هجڻ ڪري پيش نه ٿيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.