خادم رضوي جي جنازي نماز ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، پٽ تحريڪ لبيڪ جو نئون سربراهه

لاهور ( م  ڊ )ٽي ايل پي سربراهه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز لاهور ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، علامه خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي سندس پٽ علامه سعد حسين رضوي کي تحريڪ  لبيڪ پاڪستان جو نئون امير مقرر ڪيو ويو آهي.مينار پاڪستان جي گريٽر پارڪ ۾ ادا ڪيل جنازي نماز ۾ روهيت هلال ڪميٽي جي چيئرمين منيب الرحمان سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، خادم حسين رضوي جي ميت کي ايمبولينس ۾ مسجد رحمت العالمين کان گريٽر اقبال پارڪ تائين آندو ويو، جنهن تي مسجد کان پارڪ تائين ماڻهن علامه خادم حسين رضوي جي ميت مٿان گل نڇاور ڪيا، سوڳ سبب ملتان روڊ تي ڪاروباري مرڪز ۽ ٻيا ننڍا وڏا دڪان ، هوٽلون بند ڪرايا ويا هئا،  جنازي جي نماز ۾ ايندڙ ماڻهن کي تلاشي وٺي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وئي، جنازي نماز وقت شريڪ ماڻهن طرفان مسلسل لبيڪ يا رسول الله جون صدائون بلند ٿينديون رهيون، ان موقعي تي پوليس سان گڏ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن به انتظام سنڀالي ورتا هئا، ڪورونا وائرس جي خدشي سبب ماڻهن کي وڏي انگ ۾ ماسڪ پاتل نظر آيا، ڪارڪنن کي علامه خادم حسين رضوي جي آخري ديدار پڻ ڪرايو ويو، علامه خادم حسين رضوي جي جنازي جي موقعي تي پوري شهر ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.لاهورعلامه خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي سندس پٽ علامه سعد حسين رضوي کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو نئون امير مقرر ڪيو ويو آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نئين امير جو اعلان مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز جي اجتماع ۾ ڪيو  ويو. علامه سعد حسين رضوي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ نئين سربراهه جي حيثيت سان حلف کنيو.  حافظ سعد حسين رضوي پهريان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.