سنڌ ۾ ڪورونا جا 1199 ڪيس، وڌيڪ 17 مريض فوت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ، وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا ۽ 1199 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،  وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو انگ 2816 تائين پهچي ويو آهي هن وقت 13886 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 13333 مريض گهرن ۾، 9 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 544 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪورونا سبب 477 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ هن وقت ڪورونا جا 62 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ 1199 ڪورونا ڪيسن مان 859 نوان ڪيس ڪراچي جا آهن جڏهن ته حيدرآباد 189، ڄامشورو 36، دادو 18، ٽنڊو محمد خان 13، قمبر 9، گهوٽڪي 6، شهيد بينظير آباد ۽ سکر 5-5، سانگهڙ 3، شڪارپور ۽ ٺٽو 2-2، بدين، خيرپور، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ عمر ڪوٽ ۾ 1-1 ڪيس آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.