لاهور کي ڪراچي وانگر 4 ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز

لاهور ( م ڊ ) لاهور کي ڪراچي جيان چئن ضلعن تي ورهائڻ  جي تجويز ڏني وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاهور جي انتظاميه شهر کي چئن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني. ان سلسلي ۾ وڏي وزير عملي قدمن لاءِ مڪمل ايڪشن پلان گهري ورتو آهي، ان سلسلي ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس گهرائي جائزو ورتو ويندو. ضلعي انتظاميه موجب لاهور کي ضلعن ۾ ورهائڻ جو مقصد گورننس کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.