پي ڊي ايم جو اڄ پشاور ۾ جلسو، اپوزيشن زندگيون خطري ۾ پئي وجهي: وزيراعظم

اسلام آباد( م ڊ ) وزيراعظم عمران چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جيڪي ميمبر پهريان لاڪ ڊائون جا سخت مخالف هئا ۽ مون تي سخت تنقيد ڪندا هئا، اهي هاڻي غير ذميواري سياست سان ماڻهن جون زندگيون خطري ۾  وجهي رهيا آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وفاقي وزير اسد عمر جي ٽوئيٽ تي رد عمل جو اظهار ڪندي وزيراعظم لکيو آهي ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي پهريان سخت ترين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد جا نشتر هلائيندا هئا، اهي اڄ ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي سياست ڪري رهيا آهن، ايتري تائين جو عدالتي حڪمن تي به عمل نه پيا ڪن ۽ جلسي ڪرڻ لاءِ بضد آهن، هوڏانهن وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي جلسن جي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ جلسن جي منتظمن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي،  شبلي فراز جو چوڻ هو ته مخالف ڌر غير ذميواري جو ثبوت ڏئي رهي آهي، انهن پاران جلسو منعقد ڪرائڻ واري ضد تي بيهي رهڻ سندن غيرجمهوري سوچ ۽ غير ذميواراڻي رويي جو ثبوت آهي، عدالتي ۽ حڪومتي حڪمن کانپوءِ جلسو منعقد ڪرڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز ڪونهي. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ذاتي مفادن لاءِ عوام جي صحت ۽ زندگين سان کيڏڻ سڀ کان وڏي لاغرضي آهي، ٻئي پاسي منصوبابندي واري صوبائي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر جو چوڻ آهي ته پشاور ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 13.39 سيڪڙو آهي. پر پوءِ به مخالف ڌر جلسو ڪرڻ لاءِ ضد ڪري پئي. هن چيو ته پشاور عمران خان جو شهر آهي، مخالف ڌر جلسو ڪري عوام جي صحت ۽ روزگار خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندي، مخالف ڌر شايد پشاور جي عوام کان بدلو وٺڻ چاهي ٿي.

پشاور ( م ڊ ) اپوزيشن جماعتن جو سياسي اتحاد پي ڊي ايم اڄ پشاور ۾ پنهنجي قوت جو مظاهرو ڪندي، جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي لاءِ رنگ روڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، ڪنٽينر پهچايا ويا آهن، 10 هزار جي لڳ ڀڳ ڪرسيون لڳايون وينديون، جمعيت علماءِ اسلام (ف)جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر جي جماعت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو ڍانچو مڪمل ٿي چڪو آهي، پشاور پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، پي ڊي ايم صدر مولانا فضل رحمان جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت کي ٻيو ڪو به بهانو نه مليو ته چئي ڇڏيو ته ڪورونا وبا وڏو خطرو آهي، پر اصل ۾ ناجائز حڪمران پاڻ وڏو خطرو آهن جڏهن اسان ڪورونا 19 سان گڏ ڪورونا 18 جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ۽ اسان عوام جو ووٽ چوري ڪرڻ وارن کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي جهنڊي جي ڇانو ۾ ملڪ ۾ ناجائز ۽ ناخلف حڪومت خلاف مخالف تحريڪ  عروج تي آهي ۽ جيڪا امانت قوم کان ڦري وئي آهي اها واپس وٺي رهنداسين،ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جلسي ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ اعلان ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو، مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائق،  وزير اعظم عمران خان جي ريڪ ليس پاليسي سبب اٽو، دوائون، بجلي، گيس چوري جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، سليڪٽڊ جي ڪورونا پٺيان لڪڻ سان پي ڊي ايم جو جلسو نه رڪجي سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.