علامه سعد رضوي کي 18 رڪني شوريٰ نئون امير مقرر ڪيو

ڪراچي ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امير علامه خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي بعد سندس جماعت جي 18 رڪني شوريٰ سندس پٽ سعد رضوي کي تحريڪ لبيڪ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلان جماعت جي مرڪزي نائب امير سيد ظهير الحسن شاهه جنازي جي موقعي تي ڪيو.  لاهور ۾ خادم رضوي جي جنازي جي موقعي تي خطاب ۾ سندس پٽ سعد رضوي پنهنجي والد جو مشن جاري رکڻ جو عزم ورجايو. سعد رضوي هن وقت لاهور ۾ پنهنجي والد جي مدرسي جامعه ابوزر غفاري ۾ درس نظامي جي آخري سال جو شاگرد آهي، درس نظامي ايم اي جي برابر مدرسي جي تعليم کي چيو ويندو آهي. سعد رضوي جي ويجهي دوست محمد سلمان بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل 6 سالن کان سعد کي سڃاڻي ٿو، خادم رضوي تقرير ۽ اعلان ڪندو هو، جڏهن ته پاليسي يا ٻين معاملن تي پنهنجي پٽ جي مشاورت سان به تيار ڪندو هو، سلمان موجب سعد رضوي شروعاتي ڏينهن کان عملي طور تي تحريڪ لبيڪ جا تنظيمي معاملا هلائيندو هو، انڪري جماعت کي هلائڻ هن لاءِ نئين ڳالهه نه هوندي، ڇو ته اڪثر معاملن کي پاڻ ڄاڻي ٿو ۽ نگراني به ڪندو آهي. دوست موجب سعد ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي شاگردن توڙي شاگردياڻين سان گهاٽو ڳانڍاپو آهي، هو شاعري جو شوق به رکي ٿو، جڏهن ته جديد دور ۾ سوشل ميڊيا جي اهميت کان به واقف آهي، فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي پنهنجا ذاتي اڪائونٽس به هلائي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.