ادارا الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث ناهن ته قاتل گرفتار ڪن: قادر مگسي

ٽنڊوالھيار(رپورٽ: خميسو دائوداڻي) ايس ٽي سربراھ ڊاڪٽر قادرمگسي  الطاف جسڪاڻي جي شھادت پويان سياسي ھٿ ھجڻ جو  انڪشاف ڪندي چيو آھي قاتلن جا صرف ڪلھا استعمال ٿيا آھن اصل قاتل ٻيا آھن ٽنڊوالھيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي ٽيجھي جي تقريب کي خطاب ڪندي  ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٻيٽن تي قبضي خلاف تحريڪ ۾ الطاف جسڪاڻي سموري تحريڪ ۾ اڳڀرو هو،فاضل راھو شفيع ڪرناڻي کي قتل ڪري ذاتي دشمني قرار ڏنو ويو اڄ وري الطاف جسڪاڻي جي خون کي لوڙھيو پيو وڃي،هن چيو ته اسين پاڪستان جا مخالف ناھيون پر ان کي جمهوري ملڪ ٺاھڻ چاھيون ٿا شاندار۽ باوقار قوم ٺاھڻ جي سزا گولي آھي ته ٻڌايو وڃي گولي  به قبول آھي،جيڪڏھن رياستي ادارا ملوث ناھن ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ادارا پنھنجا سمورا وسيلا استمال ڪن قاتلن کي گرفتار ڪن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.