ڪنگري ۾ نيب عملدار جي زمين تي قبضو ڇڏرائڻ لاءِ پوليس سرگرم

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) ڪنگري جي ڪچي فيض محمد ٻنڊو  ٿاڻي جي حد ڳوٺ الھنوازيو ناريجو ۾ قبضي هيٺ آيل 16 جريب زرعي زمين تي ٻنڊو ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالقادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 8 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن چڙھائي ڪئي ۽ قبضي هيٺ آيل زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ ٻنڊو پوليس ٻڌايو آھي ته نيب عملدار فضل الرحمن ناريجو جي 16 جريب زرعي زمين تي غلام حيدر ناريجو ۽ ٻين قبضو ڄمايو آھي، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس ڄاڻايل هنڌ چڙھائي ڪئي، پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي، پوليس ڄاڻايل زمين تي پڪٽ قائم ڪري 6 اهلڪار مقرر ڪيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.