شهيد شاهنوازڀٽو جي 62هين سالگرهه، ڀيٽا پيش

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) ملڪي جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 62 هين سالگرهه پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي طرفان المرتضيٰ هائوس ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي شهيد شاهنواز ڀٽو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي ۽ سالگرهه جي موقعي تي محفل موسيقي ٿي جنهن ۾ ناليوارن راڳين پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪري خود داد حاصل ڪيو. سالگرهه تقريب ۾ پارٽي اڳواڻن گڏجي ڪيڪ ڪاٽي هڪٻئي کي ڪيڪ به کارايو ويو، هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاهنواز ڀٽو جي سالگرهه تي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد شاهنواز ڀٽو جي شخصيت جمهوريت پسند فڪر ۽ انقلابي سوچ جو امتزاج هو، هو سڄي عمر پاڪستاني عوام جي جمهوري لاءِ بيٺل رهيو ۽ تڪليفون برداشت ڪيون، آمراڻي طرز حڪومت خلاف هن جي جدوجهد زنده آهي، لاڙڪاڻي ۾  تقريب کي ضلعي صدر محمد زبير جتوئي، فقير حبيب پتوجو، غلام رسول عمراڻي، امتياز گاد، لياقت علي عمراڻي، ذوالفقار علي جوکيو، وريام چنه، خان آريجو، غازي ابڙو، وحيد جوڻيجو، ديدار علي سولنگي، وحيد سولنگي، ڪلچرل ونگ جي صدر برڪت علي گاد، محمد علي لانگاهه، محمد سليم چنا، حاجي غلام مرتضيٰ مڱڻيجو، آپا پروين چانڊيو، حسين علي کووسو، عرفان علي تنيو، عامر تنيو سميت ٻين خطاب ڪيو، گهاري ۾ پ پ پ شھيدڀٽوضلعي ٺٽي طرفان اميد علي جوکيو.پيربخش سمون.علي رضاگھارو جي اڳواڻ لقمان ڪاتيار،شبيرعباسي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ،ڄامشوري ۾ پ پ  شهيد ڀٽو يوٿ ونگ پاران پ پ جي باني شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي ننڍي فرزند شهيد شاهنواز ڀٽو جي 62 هين سالگره ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ۾ ملهائي وئي جنهن موقعي تي پ پ يوٿ ونگ ضلعي ڄامشورو جي چيف آرگنائيزر سيد اسد شاھ ، سعيد پنهيار ، نعيم عالماڻي ، دانش ڀلائي ، ولايت مشوري ، حيدر چانڊيو ، ڪامران چانڊيو ، باغي وحيد منڱريو رحمان پنهيار ۽ ٻين گڏجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو حيدرآباد ۾ پ پ ش ڀ  ضلعي حيدرآباد جي تقريب ۾ محبوب سيال، پرويز بلوچ، عليم قريشي، سيد حسنين شاھه، منور پتوجو، رشيد ناريجو، طاھر بلوچ، امداد ڊومڪي، سھيل پتوجو، خورشيد لاشاري، اختر سانگي، شيراز پتوجو، عبدالله ڀٽو، ايڊووڪيٽ فلڪ جوڻيجو، امان سوھو، نويد چانڊيو، مرتضيٰ پالاري، دودو پتوجو، بابر علي، حسين شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.