سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا، ٻارن سميت وڌيڪ 30 زخمي

ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندا) سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جو سلسلو جاري، ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن توڙي ڳوٺن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن  جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي گذريل ڏينهن 10 ورهين جي معصوم نينگري زينب، مراد علي، پريم، وشرام، ونشي ۽ نارائڻ سميت 8 کان وڌيڪ رهواسين ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي علاج ۽ اينٽي ريبيز جا انجيڪشن لڳائڻ لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو مختلف بيسڪ هيلٿ يونٽن، رورل هيلٿ سينٽرن سميت سرڪاري ڊسپينسرين ۽ اسپتال ۾ اينٽي ريبيز انجيڪشن جي سخت کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي جڏهن ته  ڪتي ڏاڙهڻ جا واقعا ٿيڻ جي باوجود ڪنهن به ڪاموري خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن 5 ٻارن ۽ 3 عورتن سميت 13 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو 4 سالن جي حسينه بيبي ڌيءَ نسيم علي، 7 سالن جو عبدالرحيم پٽ محمد حيات، 8 سالن جي ريشمه ڌيءَ محمد يوسف، 10 سالن جي ببلي ڌيءَ الھ بخش، 13 سالن جي سائره ڌيءَ حضور بخش، 22 ثناءَ الله پٽ واجد علي، 24 سالن جي مجاهدان خاتون ڌيءَ اختيار علي، 40 سالن جو در محمد پٽ دين محمد، 40 سالن جي مسمات ارشاد زال ممتاز علي، 45 سالن جو محمد قاسم پٽ خميسو خان، 53 سالن جو علي محمد پٽ پهلوان، 60 سالن جو محمد منير پٽ رسول بخش ۽ 68 سالن جي شمعه خاتون ڌيءَ قمر دين شامل آهن هوڏانهن ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ چئن ڄڻن کي ڇتن ڪتن پاران ڏاڙھي زخمي ڪرڻ جو  ڪيس سي ايم او ڪوٽڙي خدابخش سيھواڻي مٿان داخل ڪري ورتو هوڏانهن  نصيرآباد ۾ 10 سالن جي نينگري جنت خاتون کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي وڌو، سندس والد عرفان بروھي جي فرياد تي ٽائون آفيسر عطاءﷲ ڇٽو مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ڏوڪري ۾ ٽائون آفيسر آفتاب شيخ ۽ ايڊمنسٽريٽو غوث بخش جتوئي جي حڪم تي ٽائون ملازمن ڪتا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ مجنون شيدي يوسي پھاڙمري ۾  ۾ رول ڇتي ڪتي 9 سالن جي گلشير پٽ وڪيو شيدي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي  اڏيرو لال لڳ ٽائون آفيسرکيبر  گلاب علي جمالي پاران کيبر  ٽائون ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪرائي وئي،هوڏانهن يوسي لنڊو شريف جي سيڪريٽري سڪندر علي زرداري ۽ يوسي مراد علي رند جي سيڪريٽري الطاف حسين رند جي اڳواڻي ۾ ڪتا مار مهم هلائي وئي ڪتا مار مهم ۾ 50 کان مٿي ڪتا زهر ڏئي ماريا ويا ،هوڏانهن ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ ٽگٺيو ۾ 40 ورهين جي اسمت زال قلندر ۽ ڳوٺ ٻپراڙيو ڀيل ۾ 7 سالن جو چندر پٽ پنجو مل ڀيل ۽ ڳوٺ ڌاڙيندڙو ۾ ذڪا الله پٽ الهڏنو سميجو ۽ ڳوٺ مانٻائي تڙ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽن ٻارڙن کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو جنهن ۾ 10 سالن جي قراني ڌي نور محمد ۽ پنج سالن جي امرالدين ڌي غلام محمد ۽ 8 سالن جو امران پٽ نور محمد کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو آهي جنهن کي ڪلھ ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن تہ هڪ ٻارڙي امرالدين پٽ نور محمد کي ڪتي جو وڌيڪ ڏاڙهيل هجڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.