فشرمين ڪوآپريٽوسوسائٽي ۾ ڪرپشن ريفرنس،جوابدار بري

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت وائيس چيئرمين فشرمين ڪوآپريٽوسوسائٽي سلطان قمر صديقي جي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ريفرنس جو فيصلو چئن سالن کان پوءِ ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نيب ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، نيب چيو هو ته جوابدارتي 4 ڪروڙ جي ڪرپشن جو الزام آهي، جوابدارجي آمدني ۽ ملڪيت ۾ هڪجهڙائي نه آهي.جوابدار ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جيل ۾ هو .اڄ عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.