ڏهرڪي: ميان رضا رحيم سميت 4 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا

ڏهرڪي(ت ر) ڏهرڪي ۾ ڪورونا وائرس ڦھلجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ڀرچونڊي پير ميان عبدالمنان جي ڪورونا وائرس ۾ فوت ٿيڻ  بعد سندس پٽ ميان رضا رحيم جي ڪورونا پازيٽو اچي ويئي آهي ٻي پاسي ڏهرڪي جي بوائز ڊگري ڪالج ۾ يارهين ڪلاس جي ٽن هندو شاگردن انيل ڪمار، ڪيلاش ڪمار، پرديپ ڪمار ۽ ڪاليج جي پٽيوالي وزير احمد جي ڪرونا رپورٽ مثبت اچي وئي آهي. صحت کاتي اهڙي رپورٽ اچن بعد انتطاميه کين سندن گهرن ۾ ڪورنٽائن ڪري ڇڏيو آهي.

ٽرمپ جو وڏو پٽ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو سڀ کان وڏو پٽ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. العربيه ٽي وي مطابق امريڪي صدر جي پٽ جي ترجمان سي اين اين کي  هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر جو ڪووڊ-19 ٽيسٽ مثبت آيو آهي. جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.