ڪورونا صورتحال: سمنڊ پار پاڪستانين جي واپسي معيشت لاءِ خطرو

ڪراچي ( م ڊ ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي زبردستي واپسي تي خبردار ڪندي چيو آهي ته اهڙو قدم  ملڪي معيشت لاءِ سنگين مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، حڪومت اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب مرڪزي بينڪ تازو ئي جاري ڪيل معيشت 20-2019 جي پاليسي ۾ ڄيو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي ڊگهي مدي لاءِ حڪمت عملي واضح ڪرڻ گهرجي، لڏپلاڻ جي پاليسي کي به اختيار ڪرڻ گهرجي. رپورٽ موجب جيڪڏهن سمند پار پاڪستانين کي جبري واپسي تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته موجوده فريم ورڪ ۾ سندن ڏکيائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا جامع حڪمت عملي نظر نٿي اچي. سالياني رپورٽ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ خاص طور تي نار خطي ۾ ڪارڪنن جي جبري واپسي سان پيدا ٿي، امڪاني سنگين صورتحال بابت هڪ جامع خاڪو فراهم ڪيو ويو. رپورٽ موجب تقريبن 50 هزار سمنڊ پار پاڪستانين مختلف ملڪن مان واپس اچي سگهن ٿا، سندن ملازمتون جلدي ۾ بحال نٿيون ٿي سگهن، اهي خطري کي منهن ڏين پيا. رپورٽ موجب 50 هزار سمنڊ پار پاڪستاني 20 جون تائين بنا معاوضي جي ڏيهه واپس آيا، انهن کي نوڪرين مان فارغ ناهي ڪيو ويو پر انهن جي نوڪري خطري ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.