ڪورونا وري تباهي مچائڻ لڳو، هڪ ڏينهن ۾ 42 مريض فوت، 2 هزار کان وڌيڪ ڪيس

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي جنهن سبب هڪ ئي ڏينهن دوران وڌيڪ 42 ڄڻا فوت ٿي ويا.جڏهن ته 2 هزار 843 نوان  ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا حملن ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي ۽ گذريل 130 ڏينهن جي دوران متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ ا سڀني کان وڌيڪ آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پاڪستان ۾ ڪوورنا سبب متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 71 هزار 509 ٿي ويو آهي جڏهن ته 7 هزار 603 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.سڄي مڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 389 مريض صحتياب ٿيا آهن ۽ هينئر تائين گڏيل طور تي 3 لک 28 هزار 931 صحتياب ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.