تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جي خبرن ۾ صداقت ناهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ ڪورونا جي صورتحال ۾ اسڪول بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪري  وفاق لاءِ تجويزون گڏ ڪيون ويون،خانگي  صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو 23 نومبر تي  وفاقي حڪومت ڪندي، ڪالهه تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي نمائندن پنهنجون مالي مشڪلاتون پيش ڪرڻ سان گڏ مطالبو ڪيو ته اسڪول بند نه ڪيا وڃن، وڏانهن تعليم واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبي ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو 23 نومبر سڀاڻي وفاقي حڪومت ڪندي، ميڊيا ۾ سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جي فيصلي بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.