پوليس اڃا تائين گهرڀاتين جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي: ام رباب

دادو(ڊ ر) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، پيءَ مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل  ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، الزام هيٺ آيل ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پنھنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته فريادي ڌر ام رباب چانڊيو، سندس ڀاء پرويز چانڊيو وڪيل سان گڏ عدالت پھتا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر وڏي انگ ۾ ماڻھو ساڻ ڪري عدالت ۾ اچي ٿي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مخالف ڌمڪي ڏيڻ چاهين ٿا هن چيو ته پوليس گرفتارين لاءِ ڇاپا ته ھڻي ٿي پر جوابدار اڃا تائين گرفتار نه  ٿيا آھن جنهن مان پوليس جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهن، ٻئي طرف ايم پي اي سردار چانڊيو جو چوڻ هو ته اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ، فريادي ڌر کي رينجرس ۽ پوليس جي سڪيورٽي مليل آهي، هن چيو ته پوليس اسان جي بنگلن تي ڇاپا هڻي ناجائزي هن چيو ته اسان به اهو ئي چاهيون ٿا ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.