جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي گرفتار، احتجاج

ڪراچي  (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين  رياض چانڊيي  ۽ نواز شاهه ڀاڏائي کي رينجرز گرفتاري بعد آزاد ڪري ڇڏيو، ٻنهي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾احتجاج ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي کي  رينجرز قاسم چوڪ وٽان گرفتار ڪري ورتو،  ان سلسلي ۾ رينجرز جو چوڻ آهي ته قاسم چوڪ وٽ گاڏي جي جهڙتي دوران هٿيار هٿ اچڻ تي ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو بعد جاچ پڙتال کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گرفتاري خلاف لاڙڪاڻي ۾ جسم پاران عزيز الله ڀٽو ۽ ذوالفقار بليدي، نوابشاهه ۾ نويد ڇٽو ۽ فرحان کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڀان سيد آباد ۾ گلزار سنڌي ۽ ديدار ديشي، نصير آباد ۾ دلدار ايري ۽ فرحان رڏ، وارهه ۾ غفار مير جت ۽ محسن ابڙو، سڪرنڊ ۾ جاويد عمراڻي ۽ مسعود شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي، مورو، ميرپور بٺورو، گهارو، نندو، ٽنڊو غلام علي سميت ٻين مخلف شهرن ۾ پڻ ڀرپوراحتجاج ڪيو ويو،هوڏانهن آزاد ٿيڻ کان پوءِ سڪرنڊ ۾ سيد نواز شاھ ڀاڏائي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض چانڊيي چيو ته هڪ طرف اسان وٽ ڏاڍ آھي ۽ ٻئي طرف بک ۽ بدحالي آھي ۽ چيو ٿو وڃي  انهن خلاف نه ڳالھايو، اسان کي هراسان ڪري چون ٿا ته هٿيار کنيو ٿا هلو، اهي هٿيار اسان پنهنجي حفاظت لاءِ رکيا آھن،  هتي هي ٿا چون ته  هي هٿيار ليبارٽري ۾ چڪاس ڪيا ويندا، هن چيو ته  انهن سان اسان جو وڪيل ضرور هجڻ گهرجي، هن چيو ته ڏينهن ڏٺي سري عام الطاف جسڪاڻي کي شھيد ڪيو ويو ۽ دهشتگرد آزاد آھن،هن چيو ته سڄي سنڌ جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن صحافين  سوشلسٽ ماڻھن ۽ نياڻين جا شڪر گذار آھيون جن هن موقعي تي اسان لاءِ آواز اٿاريو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.